وائي رزميه
تُنهنجي اڃا او يار! هُئي ير هِيءَ نه ويل وڃڻ جي!
راڻيون ۽ گوليون ٻايون ۽ ٻانهيون،
پيون روئن زار و زار،
هُئي هيءَ نه ويل وڃڻ جي!
ڀائر، ڀينر، سوٽ، ڀاڻيجا،
توکي سارين ننڍڙا ٻار،
هُئي هيءَ نه ويل وڃڻ جي!
رَند ۽ رانهون وڻ ٽڻ روئن،
تنهنجي پکين منجهه پچار،
هُئي هيءَ نه ويل وڃڻ جي!
ڪالهه پئي کِليا اڄ پيا روئن،
تنهنجا ڄاڃي ڪريو قطار،
هُئي هيءَ نه ويل وڃڻ جي!
آسون اميدون اڌوريون رهيون،
ٻيا اڻ پورا شهڪار،
هُئي هيءَ نه ويل وڃڻ جي!
تنهنجي علم ۾ آسائتا ڪئين،
هئا ٻيلاين جا ٻار،
هُئي هيءَ نه ويل وڃڻ جي!
رڪا ۽ ڪرمي، سهجي، سنجوڙي،
تنهنجا پارو! ڪڍن پيون پار،
هُئي هيءَ نه ويل وڃڻ جي!
ماستر، ڪشنه، سترام، ’صوفيءَ‘
وهائن نيڻن مان نار،
هُئي هيءَ نه ويل وڃڻ جي!
*
85-01-16