غزل رب ۽ رام هڪڙو ڄاڻ!
متان ڪنهن پنٿ مذهب تي، ٽنگاماڻي ڪرين ڪو ٽاڻ!
پڪي رک پرت پتنگن جان، پئج پُرجهي اچي پڙ ۾،
پَسارون ڪين ڪر پاسا، پچائڻ آءُ تون پنهنجو پاڻ!
دُئي ڪري دور اچ دل مان، دلاور يار جي دئاري،
ڪڍي ڇڏ قلب مان ڪينو، ٻيائي کي هڻج ڪو ٻاڻ!
نظر هڪ سان ڏسڻ هڪڙو، همه کي هڪ ڪري ڄاڻڻ،
الهه وارن اها عادت، عشاقن جا اهي اهڃاڻ!
مڙهي، مسجد، مندر، گرجا، اهو ئي آهه اوتاري،
گنگا، ڪاشي ۽ ڪعبي ۾، اها ئي نور جي آلاڻ!
اچن راهون جدا طرفن ڪنان ٿيون ڄاڻ هنڌ هڪڙو،
اٿي رڙهه راهه روحاني سَٺا، سانگا نه کڻ تون ساڻ!
آهيون دنيا اندر ’صوفي‘! جدا جنسن جيان پوکيل،
اهو ئي آ حاڪم هڪڙو، بٽئيءَ لاءِ آهه هڪڙو ماڻ!
*
. پنٿ: ٽولو فِرقو
. ٽاڻ: هِيلو
سَٺو: سانگو، بهانو