شاعري

صوفيءَ جي صَدا

ڪتاب ”صوفيءَ جي صدا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب صوفي نيڀراج جي شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ ڊاڪٽر ڪرشن لعل آهي. نصير مرزا لکي ٿو: ”صوفي صاحب پنهنجي شعرن ۾ ساڻيهه سنڌ جي سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن لاءِ به، جابجا ڪيئي دعائون لکيون آهن ۽ ائين وڌ ۾ وڌ جيڪي دعائون لکيون آهن، انهن ۾ وري هن، مينهن، بارش، وڏڦڙي ۽ وسڪارن بابت التجائون ڪيون آهن ۽ اهو ان ڪري، ته جيئن هر طرح سان ماروئڙن جو هي ملڪ سرسبز ۽ شاداب رهي.
Title Cover of book صوفيءَ جي صَدا

بيتَ

بيتَ

صراف سڃاڻي سونَ کي، يا پائيندڙ پرکي،
اڄ پِتَلَ پئي جَهرڪَي، جنهن موهي ڄٽ مات ڪيا.
-
سونَ اصل تون سونُ آن، توڙي گڏيل گڏ،
تنهنجو قدر ڏڏ، ڪندا ڪيئن صراف ري.
-
هي آ انگ ازل، جنهن وهڻ منهنجو وِههُ ڪيو،
جهاڳينديس جبل، آرياڻي لئه اديون.
-
ڪو جو لڳم نينهن، جنهن وهڻ منهنجو وِههُ ڪيو،
رڙهنديس راتو ڏينهن، آرياڻيءَ لئه اديون.
-
ڪو جو پيچ پرت، جنهن وهڻ آهي وِههُ ڪيو،
موڙهي ويئي مت، رڙي ۽ رڙهي پيئي.
-
رڙي ۽ رڙهي پيئي، ويئي سسئيءَ جي سُرت،
موڙهيءَ ويئي مَت، ڇُلي پيئي ڇپرين.
-
پرُجهڻ وارا پارکو، ويا سي وينجهار،
ڪهڙي هاڻ ميارَ، سون ڪرين ”صوفي“ چوي.
-

*