شاعري

صوفيءَ جي صَدا

ڪتاب ”صوفيءَ جي صدا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب صوفي نيڀراج جي شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ ڊاڪٽر ڪرشن لعل آهي. نصير مرزا لکي ٿو: ”صوفي صاحب پنهنجي شعرن ۾ ساڻيهه سنڌ جي سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن لاءِ به، جابجا ڪيئي دعائون لکيون آهن ۽ ائين وڌ ۾ وڌ جيڪي دعائون لکيون آهن، انهن ۾ وري هن، مينهن، بارش، وڏڦڙي ۽ وسڪارن بابت التجائون ڪيون آهن ۽ اهو ان ڪري، ته جيئن هر طرح سان ماروئڙن جو هي ملڪ سرسبز ۽ شاداب رهي.
Title Cover of book صوفيءَ جي صَدا

نظم

نظم

وهه ڙي وهه وا!

وهه ڙي وهه وا نينگر تنهنجي ياري،
تو ڪانه اسان سان پت پاري.

اوکيءَ اڏري وئين تون اسان کان،
ڪانه ڪيئي پوءِ واري،
وهه ڙي وهه وا نينگر تنهنجي ياري.

ڌاريئي ڌارين جا پار اسان لئه،
تو دل نه اسان لئه ڌاري،
وهه ڙي وهه وا نينگر تنهنجي ياري.

ڏسيو ٻڌيو وڃين ڇڏيو اڪيلو،
تو واڳ اسان ڏي نه واري،
وهه ڙي وهه وا نينگر تنهنجي ياري.

توڙ نه ڪنهن دم يار پڄايئي،
پر وچ وڌي تو گهاري،
وهه ڙي وهه وا نينگر تنهنجي ياري.


اسيريا رلايئي رندين ۽ روهين،
ڪا ڪانه مڃيئي نيزاري،
وهه ڙي وهه وا نينگر تنهنجي ياري.

رت ولوڙي ڀت ڪيوسون،
پر کنڊ لڳي تو کاري،
وهه ڙي وهه وا نينگر تنهنجي ياري.

’صوفي‘ تولئه تنبوهو بخمل،
تون ته ڀائين ککي کاري،
وهه ڙي وهه وا نينگر تنهنجي ياري.

*


1988-05-13