حمد
حيرت جي ڳالهه آهي
حيرت جي ڳالهه آهي ڪئن ڪئن ڪري ٿو ٺاهين،
ڪئن ڪئن ڪري ٿو ٺاهين هي ڪئن ٿو بن بنائين.
ڇا مان ڪرين ته ڇا ڇا، ڇا مان تون، ڇا ٿو جوڙين،
ڇا جو ميلاپ ڇا سان ۽ ڇا مان ٿو ڇا اُپائين.
بنياد ٻج ٿئي سو ميوي جي پيٽ پيدا،
ڪن جا قلم، ٻچا ۽ ڪن ۾ ٿو کل لڳائين.
هڪڙي نسل سندو ٻج اڀري ته ذات ٻيءَ ۾،
قدرت عجب عجائب ان ريت پيو پسائين.
هڪ ول ڪري پتا ڪئين هرهڪ سواد ٻيو ٻيو،
ڪيئن ٿو ڪڙو مٺو تن، رس ڌار تون رسائين.
پن، پاڙ، ٿڙ ۽ ميوو ڪم ڪنهن نه ڪنهن اچن ٿا،
ديدار لاءِ گل جي حيران لک هلائين.
ڪاريگريءَ جو مظهر گل ۾ ڪمال آهي،
ڪئن دلڪشي، لطافت، رنگ، بوءِ سين رلائين.
گل جي حسن کي ڄاڻن پوپٽ ۽ ڀؤنر، بلبل،
مدهوش تن ڪرڻ لئه مکڙيون کڻيو کلائين.
گل کي ڇهن نه شائق رڳو واس سي وٺن ٿا،
گل آستان ۾ تن کي پر تون پيو هڻائين.
يا بخت تخت شاهي يا جيل سور ڦاهي،
ڪئن ڪئن ڏئين ٿو چاڙهو ڪئن ڪئن ڪري ٿو لاهين.
گل تي ڦرڻ ٿا ڄاڻن ڪعبي طواف ”صوفي“،
ديدار دور سان تن الست ڪيو نچائين.
*