شاعري

صوفيءَ جي صَدا

ڪتاب ”صوفيءَ جي صدا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب صوفي نيڀراج جي شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ ڊاڪٽر ڪرشن لعل آهي. نصير مرزا لکي ٿو: ”صوفي صاحب پنهنجي شعرن ۾ ساڻيهه سنڌ جي سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن لاءِ به، جابجا ڪيئي دعائون لکيون آهن ۽ ائين وڌ ۾ وڌ جيڪي دعائون لکيون آهن، انهن ۾ وري هن، مينهن، بارش، وڏڦڙي ۽ وسڪارن بابت التجائون ڪيون آهن ۽ اهو ان ڪري، ته جيئن هر طرح سان ماروئڙن جو هي ملڪ سرسبز ۽ شاداب رهي.
Title Cover of book صوفيءَ جي صَدا

دم ۽ نظر کان پڇ

دم ۽ نظر کان پڇ

مزو قاتل زهر جو يَرَ اُنهيءَ جي تون اثر کان پڇ،
ڪرڻ معلوم جي چاهين بلا زهري کپر کان پڇ!

جني کي وئي ڏنگي ڦوڪي ڪکي پيئڻ بلا ٿر جي،
تني جي تون خبر ساري ڪلين، دم ۽ نظر کان پڇ!

وطن کان ٿي جدا گهارڻ ٻئي ڪنهن ڏيهه ۾ رولو،
وڇوڙي جا سوين صدما ادا ڪونجن ولر کان پڇ!

سچي سڌ سيڪ جي تنهن کي جنهين جاڳهه ٻري ٻارڻ،
مٿان جن تي پيو ٽانڊو ٺڪر ۽ ان ڀتر کان پڇ!

جني جي مال کي کائي ويا سي چور زوراڻا،
اُني سان آ حشر ڪهڙو اهو ڦريل بشر کان پڇ!


سڙي ٿي ڪڻڪ ۽ ٻاجهر جوئر ڦٽيون نٿيون اُپڙن،
ٿئي ساري ڪمند ڇو ٿو اهو ڪاري ڪلر کان پڇ!

وسائي جو مٿان مينهنڙو ڀِڄائڻ ڀونءِ لئه يا ٿو،
ڏکويل حال تي روئي اهو وسندڙ ڪڪر کان پڇ!

وجهي ٿي قرب مان ڀاڪر، وٽس آيل مسافر کي،
رکي ڪهڙو ٿي پو رويو، اهو کوٽيل قبر کان پڇ!

ڀلا ڪيئن ٿو پڇين ’صوفيءَ‘ ڪنان اسباب روئڻ جا،
هنن لڙڪن جو افسانو سندم زخمي جگر کان پڇ!

*











حاجي ”حقير“ ابن مڱڻ (سندس ڳوٺ نزد ٽنڊو قيصر) جي ٻي ورسيءَ جي طرح مصرع

83-03-25 صبح 5 وڳي