غزل : سينگار آهي
تو لئه سڄڻ سواري بلڪل تيار آهي،
آمد سندءِ جو اتهين اڄ انتظار آهي.
جو ڏيهه ڪنهن نه ڪڏهين اڳ آ ڏٺو اوهان کان،
ڪرڻو انهيءَ جو توکي دلبر ديدار آهي.
دعوت سندءِ جو داتا ڪيو انتظام پورو،
عرشن ڪيو اوهان لئه سهڻا سينگار آهي.
تفريح لاءِ تنهنجي ڏيهه آ سڄو سجايل،
خوشبوءِ خاص خاصي ڇٽڪي چوڌار آهي.
حورون مَلڪَ اوهان کي خوش آمديد چوندا،
ٺهڻي انهن جي خوش رنگ شاهي قطار آهي.
بيهندا صفون ٻڌي سڀ ٿيندي سلامي سهڻا،
ٺهڻي سا اڄ اُڀن تي مينا بزار آهي.
عيسيٰ اڀو عرش تي محبوب تولئه موسيٰ،
هر ڪو نبي ڏسڻ لئه خود بيقرار آهي.
اعليٰ مقام تي اڄ آمد سندءِ ٻڌي پوءِ،
ابليس مس مڃي سا خود هار يار آهي.
منزل انهيءَ کان اوري مَلَڪَن جا پَرَ جلن ٿا،
تون ٿو وڃي سگهين هي وحدت آثار آهي.
نور- الاهي هوندو ۽ ذات تنهنجي عالي،
باقي نه ڪنهن ٻئي جي ات ڪا پچار آهي.
سهڻا سڳر ۽ ساٿي کوٽو کهيو هي کڻجو،
اولاد سان اوهان جو خدمت گذار آهي.
’صوفي‘ مٿي شفاعت اولاد ماءُ پيءُ گڏ،
پاڙي اندر رهائش لئه عرضدار آهي.
*