غزل
اڃا نه مليو آ
تو جِھو محبوب مون کي ٻيو اڃا مليو نه آ،
لک حسينا پيا ڦرن پر جوڙو تو جُڙيو نه آ.
دير سمجهڻ ۾ لڳي ڪجهه دير ٿي جو سمجهيم،
خال اِين مرگ شِما ڀرجي اڃا سگهيو نه آ.
سير هرڪو، پاڻ کي پاڻهي چوائي پيو ”حقير“،
ڦوڪڻي جي سان وزن ڪانٽو ڪڏهن جهڪيو نه آ.
پاڻ کي پوٺي تي ڪانڊيرو سڏي درخت ڀلي،
پر قد و قامت سندءِ ڪوشش ڪري رسيو نه آ.
تيل ٿيو سستو تڏهن گدڙن به آهي پڇ مَکيو،
پارکن آڏو اڃا ڪو تو جيان اگهيو نه آ.
مفڪري ۽ مدبري حڪمت سندا اوصاف سڀ،
گڏ کڻي ڪو پاڻ سان چارو وٺي چليو نه آ.
ڇا سلاست ڇا بلاغت ڇا سندءِ طرزِ بيان،
رازداريءَ سان روانيءَ گڏ چئي هليو نه آ.
ٿو پوي ڍاپي خوشامد جي سُڻي سو واه واه،
سخن پختي جي جو ’صوفي‘ سِينَ ڀي سکيو نه آ.
*
حاجي ’حقير‘ ابنِ مڱڻ جي چوٿين ورسي 31 مارچ جي مناسبت سان لکيل
85-03-20