شاعري

صوفيءَ جي صَدا

ڪتاب ”صوفيءَ جي صدا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب صوفي نيڀراج جي شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ ڊاڪٽر ڪرشن لعل آهي. نصير مرزا لکي ٿو: ”صوفي صاحب پنهنجي شعرن ۾ ساڻيهه سنڌ جي سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن لاءِ به، جابجا ڪيئي دعائون لکيون آهن ۽ ائين وڌ ۾ وڌ جيڪي دعائون لکيون آهن، انهن ۾ وري هن، مينهن، بارش، وڏڦڙي ۽ وسڪارن بابت التجائون ڪيون آهن ۽ اهو ان ڪري، ته جيئن هر طرح سان ماروئڙن جو هي ملڪ سرسبز ۽ شاداب رهي.
Title Cover of book صوفيءَ جي صَدا

مارئي

مارئي
(بيتَ)

ڏٺي ڏينهن ٿيام، عمر اباڻن کي،
اچي عمر ڪوٽ ۾، ڏوٿين ڪين ڏٺام،
وڃڻ کي ويام، ماروئڙا ملير ڏي.
-
ڏٺي ٿيم ڏينهن، عمر اباڻن کي،
وسايان ويڙهيچن ري، مٿان ماڙين مينهن،
ڪَرَ لهندم ڪيئن، ويا ماروئڙا ملير ڏي.
-
مون کي مارن ڇڏيو، مون مارو ڇڏيا نه ڄام،
آئون انهن جي آهيان، عمر تو وٽ سام،
تيسين سک حرام، جيسين موٽن هو ملير کان.
-
مون کي مارن ڇڏيو، مارو ڇڏيا نه مون،
ڪاٽي چڙهيس قيد کي، باقي ڪي ڏينهن ڏون،
تيسين رکج تون، جيسين موٽن هُو ملير کان.
-
عمر آءٌ کوٽي، مارو مون وساريا،
جا پنوهارن پهرائي سا، پاڪ نه رکيم پوتي،
تڏهن هو موٽي، آيا نه عمر ڪوٽ ۾.

*