غزل
جڳائي جانب هر هاڪ
ماندا ملڻ لئه آهن مشتاق يار توکي،
آيا اجهي ڏيکارڻ دل چاڪ يار توکي.
خوف و خطر کان خالي نازن سين نيڻ ڀريل،
مولا ڏنا هي منهن ۾ بيباڪ يار توکي.
تابش جهلي حسن جي ناز و ادا جي اڳيان،
ناهي اچڻ ڪا سامهون مذاق يار توکي.
چنچل، حجابي هردم سهڻي، سٻاجهي، طبيعت،
تنهن لئه چئي مرحبا افلاڪ يار توکي.
شيرين زبان ۽ مرڪڻ تڪبر نه دل ڏکوئڻ،
ڏاتر ڏنا هي سهڻا اخلاق يار توکي.
جيڪي چون خصائل، اوصاف سڀ حسن جا،
آگي ڪري ڏنا سڀ اِملاڪ يار توکي.
رهجان مٺا مدامي منهنجو ٿي يار مون وٽ،
دلڙي ڪري ڏني مون اوطاق يار توکي.
ناهي زبان کي طاقت ڳڻ ڇا ڳائيندو ’صوفي‘،
بيشڪ جڳائي جانب هر هاڪ يار توکي.
*