غزل
محبوب مرڪي پيو
اُڏاڻو عرش ڏي تصور ٿڪڻ کان پوءِ ڍرڪي پيو،
فضا مان ويو لنگهي ليڪن خلا ۾ پاڻ لڙڪي پيو.
سري آئي سِري منهنجي قدم بوسي ڪرڻ جڏهين،
پري ۽ پوئتي تڏهين پِرِيَنِ جو پير کسڪي پيو.
گلي لائي چيائون ڪر قدم بدلي دست بوسي،
تڏهن احساس محرومي سندم دل تان سو ترڪي پيو.
ڏسي شفقت جو هي عالم جلي ويڙا مڙئي حاسد،
گهڻن سڌڙين عشاقن جو ڏسڻ سين روح رسڪي پيو.
اُڏاڻا سڀ پرن سين پئي مگر ڪي مون جيها بي پر،
سڃاتو جن نه سپرينءَ کي تني ايمان لچڪي پيو.
ڏٺائون عشق پئي ’صوفي‘ اگهيو پئي عجز ۽ آزي،
گهمائي مهر هٿ ڄاڙي، سندم محبوب مرڪي پيو.
*
85-03-19 شام 4 وڳي