شاعري

صوفيءَ جي صَدا

ڪتاب ”صوفيءَ جي صدا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب صوفي نيڀراج جي شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ ڊاڪٽر ڪرشن لعل آهي. نصير مرزا لکي ٿو: ”صوفي صاحب پنهنجي شعرن ۾ ساڻيهه سنڌ جي سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن لاءِ به، جابجا ڪيئي دعائون لکيون آهن ۽ ائين وڌ ۾ وڌ جيڪي دعائون لکيون آهن، انهن ۾ وري هن، مينهن، بارش، وڏڦڙي ۽ وسڪارن بابت التجائون ڪيون آهن ۽ اهو ان ڪري، ته جيئن هر طرح سان ماروئڙن جو هي ملڪ سرسبز ۽ شاداب رهي.
Title Cover of book صوفيءَ جي صَدا

نظم

نظم


ڇا، ڇا، نٿو ڪرڻو پوي

ڪِٿ جلائي باهه، ڪِٿ ٻارڻ بنا ٻرڻو پوي،
زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.

ڪِٿ پيا ڊوڙون ڊڪون، ڪِٿ هوريان چُرڻو پوي،
ڪِٿ ٿيون ٿا تيز رؤ، ڪِٿ ٻر سري سُرڻو پوي،
زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.

ڪِٿ ٿيون عاشق، مُلا ۽ ڪِٿ ٿيون صوفي، فقير،
ڪِٿ سني، شيعا، هندو، هر رنگ ۾ ڦِرڻو پوي،
زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.

ڪِٿ ٿيون مخدوم ۽ استاد، خادم، ٻالڪا،
ڪِٿ رهون سَرها، ڪٿي ڳڻتين اندر ڳرڻو پوي،
زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.

ڪِٿ ٺڳي، چوري، جوا ۽ ڪٿ ٻني، واپار يا،
ڪا سِرڦِري ڪا نوڪري، ٿو ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پوي،
زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.
ڪِٿ پوي ڏيڻو پيو ۽ ڪٿ وري وٺڻو پوي،
ڪو وڃي ٿو هڙ ڦُريو، ڪنهن کي وري ڦُرڻو پوي،
زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.

ٿي پوي ڪرڻي خوشامد غرض ۾ لاغرض جي،
گاهه ڄڻ ٿو شينهن کي لاچار کان چَرڻو پوي،
زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.

ڪِٿ سُپت کي ئي ڇڏي ڪرڻي پوي ٿي سا ڪُپت،
سچ صريحاً کي ڇڏي ڪِٿ ڪوڙ ۾ ڪِرڻو پوي،
زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.

ڪِٿ ڪري واعدو ٿا پاريون ڪٿ رکون ياري سچي،
ٿا ڪٿي ڌوڪو ڏيون، ڪٿ ٻول تان ڦِرڻو پوي،
زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.

ڪِٿ چئي سچ ٿا ڏيون ۽ ڪٿ نٽائي ٿا وڃون،
جي چئون سچ ٿا ته پوءِ ٿو منجهه سُڪي ترڻو پوي،
زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.

صاف سٿرا ويل ڪنهن ۽ مهل ڪنهن ميرا، گندا،
ڪِٿ وهون ٿا خان ٿي ڪٿ ڌوڙ سر ڌرڻو پوي،
زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.

ڪن لئه الفت ڪن لئه ڪلفت آهه سا دل ۾ ضرور،
اوچ ظاهر نيچ سان ٿو پير گڏ ڀرڻو پوي،
زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.

ڪي سماجي ڪين دل کي ٿا وڻن رسم و رواج،
پر لڄان ڪر جان لاچاري منجهه پَيرنِ پُرڻو پوي،
زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.

ڪن کي تو مجبور آ عصمت فروشيءَ تي ڪيو،
سِيل، ست وارن به ٿو لاچار کان کرڻو پوي،
زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.

نام تنهنجو اجتماعي، انفرادي ڪين آ،
تنهنڪري مجبور هي ڏک ڏيل تي ڏرڻو پوي،
زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.

هن گراني دور ۾ خشڪيون وٺن بازار ۾،
اگهه ڳرا ڳاٽي ڀڳا ٿو موت ريءَ مرڻو پوي،
زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.

تنهنجي سورن کان ڀڄي ’صوفي‘ ته ڪر هرڪو ويو،
ناهه سا مردانگي ٿو تنهن ڪري ورڻو پوي،
زندگي تنهنجي ڪري ڇا ڇا نٿو ڪرڻو پوي.

*