شاعري

صوفيءَ جي صَدا

ڪتاب ”صوفيءَ جي صدا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب صوفي نيڀراج جي شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ ڊاڪٽر ڪرشن لعل آهي. نصير مرزا لکي ٿو: ”صوفي صاحب پنهنجي شعرن ۾ ساڻيهه سنڌ جي سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن لاءِ به، جابجا ڪيئي دعائون لکيون آهن ۽ ائين وڌ ۾ وڌ جيڪي دعائون لکيون آهن، انهن ۾ وري هن، مينهن، بارش، وڏڦڙي ۽ وسڪارن بابت التجائون ڪيون آهن ۽ اهو ان ڪري، ته جيئن هر طرح سان ماروئڙن جو هي ملڪ سرسبز ۽ شاداب رهي.
Title Cover of book صوفيءَ جي صَدا

ياد موسيٰ جي طبع رهندي ٻڍي ۽ ٻار کي

ياد موسيٰ جي طبع رهندي ٻڍي ۽ ٻار کي

هيءَ ڏٺم قدرت عجائب ٻه فوٽ پاڻي پهلوان،
سروَ قد سهڻو سگهارو بافضيلت نوجوان.
شاخ راهوڪي منگر موسيٰ ٻڏو ابن مبين،
جون ست ٽياسي منگل يارهين وڳي هي ٿيو زيان.

تنهنجي ڳولا لاءِ پئڙا ڳوٺ جا ڪاهي بشر،
ٻوٽو ٻوٽو ٻارو ٻارو پن پن ڏٺو کولي شجر.
ميلن جا منهن هٿ هٿ ڏئي ڪاهي پيا ڪئين شاخ ۾،
سوٽهڙ پيسوءَ کي موسيٰ مليين ڪونڌر پسر.


ياد موسيٰ جي طبع رهندي ٻڍي ۽ ٻار کي،
هم عمر شاگرد دوست استاد مائٽ يار کي.
آ مٺو اولاد سڀ ڪنهن پر موسيٰ ٿيو هر دل عزيز،
ڳوٺ سارو آهي ڇا؟ رئندي ڏٺم اغيار کي!

مرتبت عالي سندءِ، عالي سندءِ جاه و جلال،
سو ڪري ڏيکارين قادر! جو نه ڪنهن خواب و خيال.
موسيٰ ٻڏو روز منگل شعبان جي چوويهه تي،
سال چوڏهن سؤ ۽ ٽي قادر ڪيئي ظاهر ڪمال.

*
. موسيٰ ابن مبين احمد ٿيٻو موري منگر تاريخ 83-07-06 اڱارو مطابق 24 شعبان 1403هه 11 وڳي ڌاري شاخ راهوڪيءَ ۾ ڳوليندي ڀاءُ پيسوءَ کي هٿ آيو. سندس عمر 16-17 سال سال هئي اٺين جو امتحان ڏنو هئس، قد اندازاً پوڻا ڇهه فوٽ ۽ نوجوان بلڪل سگهارو بافضيلت ڇوڪرو هو، سندس جنم 2-11-1966ع تي ٿيو هو.

1983-05-31