شاعري

صوفيءَ جي صَدا

ڪتاب ”صوفيءَ جي صدا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب صوفي نيڀراج جي شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ ڊاڪٽر ڪرشن لعل آهي. نصير مرزا لکي ٿو: ”صوفي صاحب پنهنجي شعرن ۾ ساڻيهه سنڌ جي سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن لاءِ به، جابجا ڪيئي دعائون لکيون آهن ۽ ائين وڌ ۾ وڌ جيڪي دعائون لکيون آهن، انهن ۾ وري هن، مينهن، بارش، وڏڦڙي ۽ وسڪارن بابت التجائون ڪيون آهن ۽ اهو ان ڪري، ته جيئن هر طرح سان ماروئڙن جو هي ملڪ سرسبز ۽ شاداب رهي.
Title Cover of book صوفيءَ جي صَدا

نظم

نظم


لڪ لڪوٽي راند ڇڏ

ڇڏ سڄڻ پاڻ گهوري، لڪ لڪوٽي راند ڇڏ،
ونجهه، ڪٻڊي، ڇڏ تون ڪندرو، اوٽي موٽي راند ڇڏ!

ڍال ۽ تلوار پلٿو راند رڪ جي ڪر اچي،
لت، دڙهو، ۽ مار ٺونشو، راند مڪ جي ڪر اچي،
ڪر اچي گولي نشاني تي هڻڻ جي راند تون،
ڏاڪ چومي، ڏانڊيو ۽ سانگ چوٽي راند ڇڏ!

سينڱ سان سيلا هڻڻ ۽ تيغ، بڻڇون، تير سک،
ڪپ، ڪٽاري، ڪات، سان غيرن وجهڻ تون سير سک،
اٿ پگهر جي جاءِ تي تون خون هولي راند ڪر،
ڇڏ گلي ۽ تون ڏڪر ٻاراڻي سوٽي راند ڇڏ!

هار ۽ تون جيت جا سڀ ٻول، ڀالي ساڻ ڀڃ،
ڪر زنده جهوني روايت، ٿي کيڏاري منٿ مڃ،
ڪر ملهن جا انگ، ۽ تون راند ٻيلهاڙو مچاءِ،
ڀڄ گهڙي ۽ نوٽڻي، کينهي جي کوٽي راند ڇڏ!

*
1980-02-02