غزل
آرزو
بس آرزو فقط آ توکي ڏسڻ جي سهڻا،
چاهت رهي اهائي هر هر پسڻ جي سهڻا!
سر، ساهه، مال، زر، ير جيڪي گهرين سو حاضر،
ڏيندس فقط نه هڪڙي موڪل وڃڻ جي سهڻا!
ايندين ته مهرباني، ڏيندين اچڻ ته حاضر،
تڪليف ڪانه ٿيندم تو وٽ اچڻ جي سهڻا!
ڇڏ تون تلاش سببن وٺ اوٽ نا بهاني،
ڪر ڪا سڌو سنواٽو مون سان ملڻ جي سهڻا!
ٻولي ۽ ٻاپ بدلڻ ايءُ ڪم ڪميڻين جو،
ٻڌندين نه ٻول تان تون منهنجي ڦِرڻ جي سهڻا!
جيسين حياتي آهي تيسين ته تنهنجو آهيان،
ايندي صدا قبر مان تنهنجي هئڻ جي سهڻا!
ڪوشش وٺي ته اهڙي تولئه پيو ڪندس مان،
ميدان منجهه محشر ڳولي لهڻ جي سهڻا!
ٻيڙي ۾ غوث اعظم اولاد ساڻ هوندس،
موڪل وٺي ڪندس گڏ توکي کڻڻ جي سهڻا!
پاڙي پنجن تنن جي جاڳاهه هوندي ’صوفي‘،
وٺندس اتي اجازت تنهنجي رهڻ جي سهڻا!
*