شاعري

صوفيءَ جي صَدا

ڪتاب ”صوفيءَ جي صدا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب صوفي نيڀراج جي شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ ڊاڪٽر ڪرشن لعل آهي. نصير مرزا لکي ٿو: ”صوفي صاحب پنهنجي شعرن ۾ ساڻيهه سنڌ جي سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن لاءِ به، جابجا ڪيئي دعائون لکيون آهن ۽ ائين وڌ ۾ وڌ جيڪي دعائون لکيون آهن، انهن ۾ وري هن، مينهن، بارش، وڏڦڙي ۽ وسڪارن بابت التجائون ڪيون آهن ۽ اهو ان ڪري، ته جيئن هر طرح سان ماروئڙن جو هي ملڪ سرسبز ۽ شاداب رهي.
Title Cover of book صوفيءَ جي صَدا

شڪايت

شڪايت
(اشعار)

اٿي ٿي جا اندر مان سا ڪنهين لئه ڪا شڪايت آ،
ڪيان ڪنهن جي ڏيان ڪنهن کي اُها ڪهڙي شڪايت آ.
-
شڪايت آ مگر ڪنهن کان پتو ناهي شڪايت آ،
نٿو سمجهان اُها ڪهڙي ڪڏهن کان هي شڪايت آ.
-
خبر ناهي ته ڪهڙي آ پتو ناهي ته ڪنهن کان آ،
ڏبي ڪنهن کي نه آ معلوم عجب جهڙي شڪايت آ.
-
ڪٿ ڪيم، ڪڏهين ڪيم، ڪيئن ڪيم ۽ ڇا ڪيم،
سڌ نه آ تان ڪجهه ڪيم، يا ته ڪجهه ڀي نا ڪيم.
-
ڇا ڪرڻ جي لاءِ آيس، هت رسي پوءِ ڇا ڪيم!!
جي ڪيم، تان ڇو ڪيم، ڪنهن لئه ڪيم يا نا ڪيم؟
-
ڪٿي جو آ ۽ ڪهڙو آ، خبر ناهي ته ڪير آهي،
مرڳو يا ته مان آهيان، الهءِ منهنجو آ، يا غير آهي؟
-
هي آهي يا نه آهي ڪو ڏسان ٿو جو سو ڇا آهي،
بشر آهي يا جن آهي هي پاڇو يا وهم آهي؟

*

88-03-04