شاعري

صوفيءَ جي صَدا

ڪتاب ”صوفيءَ جي صدا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب صوفي نيڀراج جي شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ ڊاڪٽر ڪرشن لعل آهي. نصير مرزا لکي ٿو: ”صوفي صاحب پنهنجي شعرن ۾ ساڻيهه سنڌ جي سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن لاءِ به، جابجا ڪيئي دعائون لکيون آهن ۽ ائين وڌ ۾ وڌ جيڪي دعائون لکيون آهن، انهن ۾ وري هن، مينهن، بارش، وڏڦڙي ۽ وسڪارن بابت التجائون ڪيون آهن ۽ اهو ان ڪري، ته جيئن هر طرح سان ماروئڙن جو هي ملڪ سرسبز ۽ شاداب رهي.
Title Cover of book صوفيءَ جي صَدا

نعت

نعت

مٺي مرسل جي روضي جو ڪيان ديدار بسم الله!
نمائي سر چمان چائنٺ وڃي صدبار بسم الله!

ڏسان مان گنبدِ خضرا مديني پاڪ ۾ پهچي،
چُمان شل پاڪ پڃري کي ڦري چوڌار بسم الله!

اندر ۾ عشق عربيءَ جو، زبان تي آ صلو عليه،
کڻي شل پاڻ سان پهچان، سندن درٻار بسم الله!

اللّـهُمَّ صَلِّ عليٰ وڃان پڙهندو مان مرسل ڏي،
وڃان قربئون سِڌو ڪاهي پرينءَ جي پار بسم الله!

اُگهان شل ساڻ اکين مان پيغمبر پاڪ جو پڃرو،
رهان حرمن سندو ٿي مان ٻهاريدار بسم الله!

ڪيو صورت بشر ۾ آ ظهوري پاڻ کي پرور،
بنا پاڇي سندم سپرين مٺا مهندار بسم الله!

شفيع المذنبين آهن ختم المرسلين آهن،
اول آخر امين آهن پرين پڳدار بسم الله!

ڪيا چوڏهن طبق روشن مٺي محبوب جي جلوي،
نبيءَ جي نور جي تجلي ڪري جهلڪار بسم الله!

پڙهان صلواة ٿو آئون نبي ۽ آلِ اطهر تي،
اَجهو ٿيندم اُمي عربي اَڙين آڌار بسم الله!

ڪري ڪو وَڙُ ڪرم قادر! مهابي مير مدنيءَ جي،
جنهين لئه هي جَڳتُ سارو جوڙيئي جنسار بسم الله!

جَھان ۽ گور آخر ۾ شفاعت پيا ڪجو شافع!
سڄڻ صدقي امت جي مون مٿي مهندار بسم الله!

ڪري دل نور سان معمور شرف زيارت پيا بخشيو،
سڳر ’صوفي‘ مٺا سڏيو سڄڻ سردار بسم الله!

*