شاعري

صوفيءَ جي صَدا

ڪتاب ”صوفيءَ جي صدا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب صوفي نيڀراج جي شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ ڊاڪٽر ڪرشن لعل آهي. نصير مرزا لکي ٿو: ”صوفي صاحب پنهنجي شعرن ۾ ساڻيهه سنڌ جي سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن لاءِ به، جابجا ڪيئي دعائون لکيون آهن ۽ ائين وڌ ۾ وڌ جيڪي دعائون لکيون آهن، انهن ۾ وري هن، مينهن، بارش، وڏڦڙي ۽ وسڪارن بابت التجائون ڪيون آهن ۽ اهو ان ڪري، ته جيئن هر طرح سان ماروئڙن جو هي ملڪ سرسبز ۽ شاداب رهي.
Title Cover of book صوفيءَ جي صَدا

ڪافي

ڪافي
(راڳ ڀاڳيسري)

سگهو آءُ پيارا! توکي دل ٿي ساري،
تڳي توهَه تنهنجي اميدن سهاري.

اوهان رِيءَ عجيبا! ٿيو اوکو ئي گهارڻ،
جدائيءَ ۾ جانب! جگر، جان ڳارڻ،
ڪريو وَڙُ وِلهيءَ تي، اچو مون اوتاري.

مُدامي مُدائون، سي مَنَ ۾ ملڻ جون،
اکين کي به آسُون، اوهان کي ڏسڻ جون،
رهيا نيڻ آهن سي واٽون نهاري.

سندءِ شانُ جاني! دُکي دل ڌُتارڻ،
اٻوجها ۽ اگلا، گوڏي گڏ گذارڻ،
ڍڪيو ڍول! ’صوفيءَ‘ کي پاڙي وهاري.

*

85-04-18 خميس 26 رجب المرجب 1405هه