نظم
ڪم حسن کان ورتئين باهه جو
مون کي عجب آهي ته الله جو-
ڪم حسن کان ورتئين باهه جو!
ڪري اهو ڪام ٿي سا،
ساڙي خاص و عام ٿي سا،
ناهي فرق سفيد سياهه جو-
ڪم حسن کان ورتئين باهه جو!
تجلي حسن جي طور جلايو،
حضرت موسيٰ جو هوش وڃايو،
پتو نه پيس ڪو پساهه جو-
ڪم حسن کان ورتئين باهه جو!
فرهاد ساڙي مجنون جلايئين،
پنهل ڌوٻي ڪري رانجهن رلايئين،
خيال نه ڪري ڪنهن شاهه جو-
ڪم حسن کان ورتئين باهه جو!
اسرار اهڙو آتش ۾ آهي،
ظاهر نه ڏسجي اندر جلائي،
سانگو ڪري نه ڪنهن جي ساهه جو-
ڪم حسن کان ورتئين باهه جو!
جلائي پچائي خودي وڃائي،
خيال مٽائي ڀسم ڪرائي،
پوءِ ماڳ ڏيکاري مُباح جو،
ڪم حسن کان ورتئين باهه جو.
ٿي ’صوفي‘ ٻانهون حسن جو رهجان،
نيڪ نظر ۽ صداقت رکجان،
نڪي شڪوه ڪجائين شاهه جو-
ڪم حسن کان ورتئين باهه جو!
*