شاعري

صوفيءَ جي صَدا

ڪتاب ”صوفيءَ جي صدا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب صوفي نيڀراج جي شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ ڊاڪٽر ڪرشن لعل آهي. نصير مرزا لکي ٿو: ”صوفي صاحب پنهنجي شعرن ۾ ساڻيهه سنڌ جي سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن لاءِ به، جابجا ڪيئي دعائون لکيون آهن ۽ ائين وڌ ۾ وڌ جيڪي دعائون لکيون آهن، انهن ۾ وري هن، مينهن، بارش، وڏڦڙي ۽ وسڪارن بابت التجائون ڪيون آهن ۽ اهو ان ڪري، ته جيئن هر طرح سان ماروئڙن جو هي ملڪ سرسبز ۽ شاداب رهي.
Title Cover of book صوفيءَ جي صَدا

ڪافي

ڪافي


هينئڙي لڳي ڪا هير

هينئڙي لڳي ڪا هير، وري واهوندن جيءُ جياريو.

قيد عمر تنهنجي ڪيئن مان گهاريان،
هن مند پنهنجا مارو ساريان،
لاهه تون ظلم زنجير، پرت مان پنهنجن آهه پڪاريو.

رات عمر مون خواب ڏٺو آ،
ملڪ اباڻي مينهن وٺو آ،
مون کي پاڪ پنير سرتين آهي پاڻ پياريو.

مند هن مون کي ملير وڃڻ ڏي،
منهن مارن جو ڏکيءَ کي ڏسڻ ڏي،
اٿم انهن جي اڪير، ڏينهن گهڻا مون آ گوندر گهاريو.

”صوفي“ وطن کي ساري رئان ٿي،
ادا عمر توکي عرض ڪيان ٿي،
ثابت رکڻ ڏي سير، مرم مون کي آهه ملير جي ماريو.

*