شاعري

صوفيءَ جي صَدا

ڪتاب ”صوفيءَ جي صدا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب صوفي نيڀراج جي شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ ڊاڪٽر ڪرشن لعل آهي. نصير مرزا لکي ٿو: ”صوفي صاحب پنهنجي شعرن ۾ ساڻيهه سنڌ جي سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن لاءِ به، جابجا ڪيئي دعائون لکيون آهن ۽ ائين وڌ ۾ وڌ جيڪي دعائون لکيون آهن، انهن ۾ وري هن، مينهن، بارش، وڏڦڙي ۽ وسڪارن بابت التجائون ڪيون آهن ۽ اهو ان ڪري، ته جيئن هر طرح سان ماروئڙن جو هي ملڪ سرسبز ۽ شاداب رهي.
Title Cover of book صوفيءَ جي صَدا

ڪافي تنهنجون مست شرابي لعل اکيون

ڪافي

تنهنجون مست شرابي لعل اکيون،
ڄڻ آهن بدر هلال اکيون.
ڪنڍڙيون ڪجليون ڪيف ڪمالي،
جانب جلوي دار جمالي،
ٻئي واڍوڙين لئه وصال اکيون.
بانڪيون ٻئي بي باڪ بهادر،
نازڪ نرمل نينهن نڇاور،
تنهنجون بيشڪ ٻئي بي مثال اکيون.
لائق لعل لکيسر لالون،
چلن سلوڻيون چوکيون چالون،
ٻئي گول گلابي گُلال اکيون.
سرمي ساڻ سينگاريل ساريون،
منهن ۾ ٻئي محبوب موچاريون،
قرب ڀريون سي ڪمال اکيون.
ريجهه رمز ۾ ريبين رلڻيون،
’صوفي‘ سٻاجهيون منور مِلڻيون،
تنهنجون جوت ڀريون سي جمال اکيون.
*

. هلال = پهرينءَ جو چنڊ
. لکيسر = لک پتي
. ريبين = هِرکائين، موهين. ڌُتارين