شاعري

صوفيءَ جي صَدا

ڪتاب ”صوفيءَ جي صدا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب صوفي نيڀراج جي شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ ڊاڪٽر ڪرشن لعل آهي. نصير مرزا لکي ٿو: ”صوفي صاحب پنهنجي شعرن ۾ ساڻيهه سنڌ جي سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن لاءِ به، جابجا ڪيئي دعائون لکيون آهن ۽ ائين وڌ ۾ وڌ جيڪي دعائون لکيون آهن، انهن ۾ وري هن، مينهن، بارش، وڏڦڙي ۽ وسڪارن بابت التجائون ڪيون آهن ۽ اهو ان ڪري، ته جيئن هر طرح سان ماروئڙن جو هي ملڪ سرسبز ۽ شاداب رهي.
Title Cover of book صوفيءَ جي صَدا

نظم

نظم


چوڏس وئي چانڊاڻ اڄ

مند موٽي مهر ٿي مينهن منڊيو مانڊاڻ اڄ،
چنڊ چوڏهينءَ جي لڪي چوڏِس وئي چانڊاڻ اڄ.

آهه اڄ آڙنگ ٿيو اُڀ ۾ اٿيا آهن ڪڪر،
اوت اوتي هي اجهي ڪنديون اُٻون آلاڻ اڄ.

ويل واهيري وسيو وانڍن، وٿاڻن وڏڦڙو،
ور ڏئي واحد سندي ولهار ڪن واکاڻ اڄ.

پلٽ ڪئي پوٺن مٿي پرچي پيارل پرت مان،
پاڪ پاڻي پلر جو پياسن پياريو پاڻ اڄ.

ٿر، جبل، ساري وچولي، لاڙ ۽ منگرن مٿان،
جام جالارو وٺو جُوهن سين جر جنهاڻ اڄ.

سَرَ سُڪل ساوا ٿيا سَرها ٿيا سانگي سندم،
سنڌ جي سرسبز وادي سرس ڪئي سرهاڻ اڄ.

مينهن هن موتي وسايا ملڪ ماکي ٿي پيو،
مال، مارو موج ۾ آ مست ٿيو مهراڻ اڄ.

ويس سائو آ وطن اڄ پايو پوٺن ۽ پٽن،
گس مٿي گلزار ٿي پايو پهڻ پهراڻ اڄ.

جت ڪڻن جي هئي قلت آ، ات به ارزان اَنُ ٿيو،
ڪانه ڪٿ آهي رهي ڪا ڪاڻيارن ڪاڻ اڄ.

ٿي ويون سڻائيون ساڻيهه ۾ ٿيڙو سڪار،
سهنج، سک، سهسين ڪيا سائين سنگهارن ساڻ اڄ.

برڪتون باري ڪيون ڏس ٿي ڪڻن مان ڪيچ پيا،
ڪرم سان قادر ڪيا ڪنڊ، ڪڻڇ ۾ ڪلياڻ اڄ.

ٻهڪندي ٻڪرار سارنگ، مال واري ڪئي ملهار،
ڪَڙَ وٺي ويندي ڪيو، ڪنهن قرب مان ڪلياڻ اڄ.

اڄ اڱڻ تي ٿو اچين ’صوفي‘ اهو پئڙو پسڻ،
آسمان تنهنجي اچڻ جا ٿو ڏئي اهڃاڻ اڄ.

*