شاعري

صوفيءَ جي صَدا

ڪتاب ”صوفيءَ جي صدا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب صوفي نيڀراج جي شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ ڊاڪٽر ڪرشن لعل آهي. نصير مرزا لکي ٿو: ”صوفي صاحب پنهنجي شعرن ۾ ساڻيهه سنڌ جي سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن لاءِ به، جابجا ڪيئي دعائون لکيون آهن ۽ ائين وڌ ۾ وڌ جيڪي دعائون لکيون آهن، انهن ۾ وري هن، مينهن، بارش، وڏڦڙي ۽ وسڪارن بابت التجائون ڪيون آهن ۽ اهو ان ڪري، ته جيئن هر طرح سان ماروئڙن جو هي ملڪ سرسبز ۽ شاداب رهي.
Title Cover of book صوفيءَ جي صَدا

نظم

نظم


بهاري باغ ۾ آهي

چمن ۾ پيو چتون ٻولي، بهاري باغ ۾ آهي،
چيهو چڻ ڀڻ، هڙيو هو هو، ڪوئل ٿي ڪوڪ ڪيئن لائي.

ڪبوتر، ناز، ۽ قمريون، خوشيءَ ۾ پيا ڏين گهمريون،
شڪر ۾ پاڪ پرور جي ٻوڙي ٿي ڪيئن ٻاڏائي.

اگن جي اڄ اگهي آزي، ٿيو مولا مٿس راضي،
ٻاٽيڀڙ، ٺوڙهيون،هيڙيون، ڦيريون بلبل، ٿي ڪيئن پائي.

جهرڙ ۽ جهرڪ پڻ آيا، نچي مورن ٿي رنگ لايا،
قوالڻ ڪار ڪنڇي ٿي ڳيرو ٿو ڪيئن ڏس ڳائي.

ڪٻر ۽ ڪانگ ٻئي آيا چمن ۾ چانهن سين گڏجي،
هلي هيجان اتي هدهد ڀاڪر تن کي ٿي ڏس پائي.


گاڏيرڻ، ڀونتر ڀوڳڻ جي ڊڪن ٿا ڊيل جي پويان،
تتر، تاڙي، جي تالن ۾ آڙي پئي پاڻ اٽڪائي.

آئي ٽنگن ڊگهي ٽٽيهر، ڏسي ٽاري مٿي ٽڪلو،
ڪڏي پيو ڪنگ، هنج سين گڏ پريان پئي ڪونج ڪُرُلائي.

سانباهو ۽ سرڻ، شڪرو، آهن پرتا پاريهل سين،
وهئي کي باز، بانٺي جو ڪو ’صوفي‘ ڊپ رهيو ناهي.

*

1980-2-11