اچو ولهيءَ جي وٿاڻ تي
(بيتَ)
زاغ وڃ ضعيف، جو نياپو کڻي نئون،
پراڻي پريت ڏي، ساجن نهار سنئون،
پڌرا ٿيو ٿا پئون، کَرَ کِلندا ڪيترا.
زاغ وڃ ضعيف جو، نئون کڻي نياپو،
راول تنهنجي رسڻ جو، ڏيان توکي ڏوراپو،
ساجن سياپو، وجهه نه ڏکيءَ جي ڏيل ۾.
زاغ وڃي ضعيف جو، ڏي سنيهو ساري،
آري اصل اوهان جي، محبت ٿي ماري،
ڪو ننگ نهاري، اچو ولهيءَ جي وٿاڻ تي.
زاغ وڃي ضعيف جو، هيءُ سڻائج حال،
تنهنجي هوت هجر ۾، جيئڻ آهه جنجال،
ڪري ڀلايون ڀال، سگهو اچ ’صوفي‘ چوي.
زاغ وڃي ضعيف جو، ڏي آريءَ کي احوال،
جڏي نيو جبل مان، ڪڍي ٻانڀڻ ٻال،
آهي مرن منجهه مقال، ته منڌ مري ماندي پئي.
زاغ وڃي ضعيف جو، چئو نازڪ کي نياز،
بدن مان بدبوءِ اچي، ڀڄي جيئن پياز،
وڃي بلڪل ڪج بياز، جو ڏائا ڏٺءِ ڏيل جو.
زاغ وڃي ضعيف جا، ڏي پنهل کي پيغام،
آهي اوهان جي آسري، مير مڪراني ڄام،
”صوفي“ سَوَ سلام، نياز نذر ۾ موڪليا.
*