نظم
ڇڏي ڏنو
بدلي فضا ته حسن بهارن ڇڏي ڏنو،
جوڀن تڏهن آ سهڻن نظارن ڇڏي ڏنو.
برباد هن چمن کي بادِ خزان ڪري وئي،
گرمي، سرءُ اچڻ هت سيارن ڇڏي ڏنو.
افسوس اڄ چمن مان چشما سُڪي ويا،
نالن وهڻ، وسڻ آ ڦوهارن ڇڏي ڏنو.
سورج مکي ۽ زعفران سوسن، سمن، سُڪي ويا،
جوڀن گلاب، موتئي پارن ڇڏي ڏنو.
ڪومائجي ويا گل اجڙي ويو چمن آ،
هڪ ٻئي جو ساٿ گلڙن، خارن ڇڏي ڏنو.
آئي خزان ته ٿڙ جو آ واسطو پراڻن،
سڀني پتن ۽ امن، ٽارن ڇڏي ڏنو.
ڪوئل، چتون ۽ قمري بلبل به وئي اڏامي،
ڪانگن اچڻ هتي آ ڪارن ڇڏي ڏنو.
”چاچا! ڏي گل“ ٻُڌي ٿي مالهي ٿڪي پيو،
گل لاءِ هت اچڻ اڄ ٻارن ڇڏي ڏنو.
ڦيرو ڏئي زماني ڪئي سون جي گهرج گهٽ-
ڪيمياگرن، تڏهن ڪم سونارن ڇڏي ڏنو.
آئي آ آسمان تي گردش ته هاڻ ٽمڪڻ،
ٽيڙُن ڪَتين ۽ سڀني ستارن ڇڏي ڏنو.
مغموم دل لئه آهي اونداهه سارو عالم،
خورشيد، ماهه، تجلو سيارن ڇڏي ڏنو.
بيٺل کي شينهن سڏيون ڪِريو ته گهٽ گدڙ کان،
ڪِريل جو ساٿ ڪوڙن سارن ڇڏي ڏنو.
جيڪو جهلي سگهي منهن سو رُڪُ نه آهه تڏهين،
وڄ جو ڏيڻ آ پاڻي لهارن ڇڏي ڏنو.
ڏند زور ويا ڇڏي ۽ ڌڏڪڻ لڳو بدن آ،
پيريءَ ۾ رنگ اڳوڻو وارن ڇڏي ڏنو.
’صوفي‘ ته يار ري ٻئي ڪنهن غير ڏي کڄڻ،
آهي هنن اکين جي تارن ڇڏي ڏنو.
*