سينگار
حسن آ اعليٰ سڀن کان دلربا دلدار جو،
ڪونه مَٽ ملندو ڪٿي ڪو منهنجي ڍولڻ يار جو.
ويڪرو سينو سندس آ قد ڍلياري ٻٻر جان،
چيلهه چهبڪ کان سنهي سا شير شاهي ببر جان،
ڏيل، ڪايا ۾ نه ڪو جھڙس ڪٿي آهي جُڙيل،
پيرُ ڀي لڪدارُ نازڪُ، آ مٺي منٺار جو.
ننهن ته ڪاغذ جي مثل ۽ آڱريون سنهيون ڊگهيون،
ڏاند پڇڙيءَ کان ٻئي ٻانهون ورن ڀوريون سگهيون،
ٻُرَ مٿان ٻانهن سونهين ٿي رنگ سوناري سندي،
نقشَ، ڇا سگهندس چِٽي هرهڪ حسن جي پار جو.
وِارِ اونده کان به ڪارا شهه ڏين ريشم سڳي،
پَرَ هڻن پتنگا مٿان ڀؤنرن وڌا ڀؤنرا ٺڳي،
ٻئي ڀرون جاڙا ڪماني جوڙ جوڙيندا جڙيا،
نُورَ وَرُ، نرمل نرڙُ، باتاب تجليدار جو.
اڌ لڳيون خوابي خماريل ٻئي سي ٻاجهاريون اکيون،
ڪاريون ڪيفي ڪڪوريل جوت جالاريون اکيون،
نُورَ جت تجلو وجهن تان ٿا اتان گوندر هٽن،
نُورُ نازڪ کي سريو سو آهه نِرَ آڪار جو.
ڇا حَسين مکڙو ۽ ڄاڙي چپ گلابي ورق جان،
سڀ اڇا جَهرڪن پيا سي ڏند موتي برق جان،
آ مٺي پاٻوهه واري ڍول منهنجي جي زبان،
وڄ ڪنان واڌو پوي ٿو پرتوو رخسار جو.
ٻاجهه ور ٻاٻيس سين ٻولن ٻڍي ۽ ٻار سان،
اوٽ اڙين ۽ اٻوجهن ڪن شفا بيمار سان،
حُسن جي حد ٿي وئي اوصاف ۽ اخلاق ۾،
آهه ’صوفيءَ‘ سو سڄڻ پارس پرين پڳدار جو.
*
87-06-26