غزل
مينهن آيو ڪار ڪري
ڀاڳ ٿيا سولا سڻاوا مينهن آيو ڪار ڪري،
ڏي پئي تجلا کنوڻ ۽ گوڙ ٿي ڌڌڪار ڪري.
جِت نٿو پاڻي رسي بئراج جو ڪنهن ڀي طرح،
اُت وڃي ٿو وڏ ڦڙو ڏس وس وڏي وسڪار ڪري.
جِت پيا ڪرڙن ۽ ڄارين ۾ لڇن ڦٿڪن پکي،
اُت وڃي ٿو تيز مان اڄ تل ترايون تار ڪري.
جِت سَها، هرڻيون ۽ ٻاٻيها پيا پياسي لڇن،
پلر جي پالوٽ اُت تڙڪول ۽ گوڇار ڪري.
جِت اُڃاريون آب لئه چوڙيليون چؤنرن ۾ هيون،
اُت وسي ٻانهنيارين جي ٿو ڇنن ڇٽڪار ڪري.
کيٽ کوهر ويئريون ۽ ڀر پاسو ڀريا اجهي،
ڏس وٺي جي واءَ ڇڏيو ٿر سڄو ٿڌڪار ڪري.
هنڌ ٽپڙ ۽ ڀاڄيون ڏس ان اٽا ڍڪيا اٿن،
سڪ ونديون سڪ مان هنجهن بيٺيون ڀٽن تي ٻار ڪري.
مينهن ڄيٺي پُٽ پوڻيٺي ڀاڳ سين ”صوفي“ ملن،
ڪئين لکين لائق لطف پيو هو ڪرم ڪلتار ڪري.
*
87-08-12