غزل
موڪلايو آ
دنيا جا ناخدا ٻڌ تون سهارن موڪلايو آ،
ڌڪي گرداب ڏي ڪشتي ڪنارن موڪلايو آ.
ڇڏي اوڙاهه ۾ ٻيڙي چئي منهن تي ويا منهن سان،
ٻڏي منجڌار ۾ مر دستگارن موڪلايو آ.
دنگي دلدل ۾ ڦاسي وئي اڙين آڌار اچ جلدي،
وسِيلو بي وسيلن ٿي اڪارن موڪلايو آ.
اچي هن غنچئي دل جي وري ڪر تون نظرداري،
نگھبانن چمن جي ۽ نظارن موڪلايو آ.
اچي ڏس حال معذورن ڇڏايو پاڻ لٺ جن کان،
سگهو رس جلد انڀي ٿي آڌارن موڪلايو آ.
عيان ٿي غيب جا مالڪ اچي ڪر زندگي روشن،
وٺي خورشيد جي صورت ستارن موڪلايو آ.
ڀُلي ڀٽڪي رُلي داتا وري آيس سندءِ در تي،
ڪرم ڪلتار ڪرتون قرب وارن موڪلايو آ.
اروپا! هاڻ عرياني اچي ’صوفيءَ‘ سندي ڍڪ تون،
فنا جي ديس ۾ جنهن کان قرارن موڪلايو آ.
*
1980-02-04