شاعري

صوفيءَ جي صَدا

ڪتاب ”صوفيءَ جي صدا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب صوفي نيڀراج جي شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ ڊاڪٽر ڪرشن لعل آهي. نصير مرزا لکي ٿو: ”صوفي صاحب پنهنجي شعرن ۾ ساڻيهه سنڌ جي سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن لاءِ به، جابجا ڪيئي دعائون لکيون آهن ۽ ائين وڌ ۾ وڌ جيڪي دعائون لکيون آهن، انهن ۾ وري هن، مينهن، بارش، وڏڦڙي ۽ وسڪارن بابت التجائون ڪيون آهن ۽ اهو ان ڪري، ته جيئن هر طرح سان ماروئڙن جو هي ملڪ سرسبز ۽ شاداب رهي.
Title Cover of book صوفيءَ جي صَدا

گل ٿي سگهن ٿا پيدا دنيا جي هر چمن ۾،

غزل

گل ٿي سگهن ٿا پيدا دنيا جي هر چمن ۾،
گلشن ۾ جھڙا، تھڙا جهوپن جي ڀي صحن ۾.

ساڳي هوا، زمين ۽ ٻج آهه ڀي ته ساڳيو،
ساڳيو آهي جوڙيندڙ دنيا جي ڪل خطن ۾.

ساري ڪيائين پيدا هڪ وقت جوڙ جوڙي،
ٺهه ڦهه ٺهي پئي سا هڪڙي ئي لفظ ڪُن ۾.

ورڇي رکيو اٿس هت هرچيز کي سجائي،
بهتر سو گل لڳي ٿو رکيل جو آ ڪنڊن ۾.

جا جاءِ، نيچ سمجهين، ات ڀي لڀي سگهن ٿا،
ملبوس خاڪ ۾ يا ڪي سادڙي ڪفن ۾.

تنهنجي نظر نه ڪٿ ڪو گُل جي ڏٺو ته ڇا ٿيو؟
هوندو اتي ضروري ڍڪيل ڪو گل پنن ۾.

هڪ لکّ ٿيا ته پورا چوويهه هزار گلڙا،
هڪڙو تني مان قدرت افضل ڪِيو گل سڀن ۾.

ديدار آ جنهن گل جو ’صوفي‘ نصيب ٿيڙو،
پالن ڪيو هو قدرت ان گل جو ڀي جهنگن ۾.
*
1980-02-02