نظم
جاڳين ستل
هيترا سڏ ٿا ٿين ته به ڇو نٿو جاڳين ستل،
جهپ جهپي توکي جهليو يا ٻول اٿئي اهڙا ٻڌل.
ويسلائيءَ ۾ ويئي ڏس ڀيلجي ساري ٻني،
هاڻ اٿ وٺ ڪجهه بچائي کڻ کانڀاڻي ڪر هڪل.
هڪ ته پاڇاٽي ڇٽي ۽ ٻي وئي روڻِي رُلي،
ڪَرَ هڻي واٽر ويو پر تو نه ڪئي ڪا جلهه جهل.
توکي آ ڀاري پيو هي لاءِ کائڻ لالچي،
هت ٻڌئي نالو وڏو پر هت ويئي اونڌي اٽل.
تو ته جهومڪ پائيا پر لاءِ هٿ ڏس ڪن اٿئي،
سون سين سينگاريل يا ٻٽ اٿئي پاڙون ڇنل.
تون ته سمجهين ٿو ته هاڻي ڇا ڪندو ليکو مگر،
کول کيسا ڇا مليئي يَرَ يا پيئي ٻيڻي اٿل.
ٻوڏ جو خطرو اڳي کان هاڻ هت آهي وڌيل،
تون به اونهي بحر ۾ پڪ ڄاڻ تان آهين پيل.
جي نه ٿي تو مرد ڪا ڪوشش ڪئي نڪرڻ سندي،
پوءِ هڪ غوطن جو ماريل ۽ هوندين گپ ۾ ڀريل.
هل پئي ’صوفي‘ بورائن تون رکي ويسهه پڪو،
ڪين سڻ ڦرين سندا هاپا، هنگامان، هوڏ، هُلَ.
*