ڪافي
منڊلُ ڍولڻ تنهنجي نار تي
رات رهي يَرَ ڏاڍو ڏٺوسون
منڊل ڍولڻ تنهنجي نار تي.
رڍون ۽ ٻڪريون، مينهون، ڍڳيون،
ڪاريون ڪَڪِڙيون ڀُوريون بگيون،
ويل ڏهائيءَ گُوهن گُهوگُهو،
مڻ کيرن ڌارو ڌار تي،
منڊل ڍولڻ تنهنجي نار تي.
ويل واهيري جوڳ مَٽائِي،
”هُون پٽ!“ هونگر هونگ مچائي،
رينگٽ نارن جو گڏ پئي ٻُريو،
ڳاڌيءَ واريءَ، ڳٽڪار تي،
منڊل ڍولڻ تنهنجي نار تي.
گاڏر، هاري، ڏاند هزاري،
جوڌا کلمک تنهنجا هاري،
ڀلا گهوڙا ڀليون ٻنيون،
مڻ هزارين ٻار تي،
منڊل ڍولڻ تنهنجي نار تي.
کاڄ سلوڻا کير، ڀت، مصريون،
ڏڌ، مکڻ ڪين ماکيون وسريون،
خوش کارائيندي ٿي ٿيڙا،
وَرَ وَرَ وَٽي جي وار تي،
منڊل ڍولڻ تنهنجي نار تي.
ڏور، دوراهو، هنر، ڳجهارت،
گهڙي، ڍولڪ جي وڏي مهارت،
بيت نڙن تي ڪافيون يڪتاري،
’صوفي‘ رَسُ سُرن جي سار تي، منڊل ڍولڻ تنهنجي نار تي.
*
87-06-27 ڇنڇر صبح