شاعري

صوفيءَ جي صَدا

ڪتاب ”صوفيءَ جي صدا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب صوفي نيڀراج جي شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ ڊاڪٽر ڪرشن لعل آهي. نصير مرزا لکي ٿو: ”صوفي صاحب پنهنجي شعرن ۾ ساڻيهه سنڌ جي سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن لاءِ به، جابجا ڪيئي دعائون لکيون آهن ۽ ائين وڌ ۾ وڌ جيڪي دعائون لکيون آهن، انهن ۾ وري هن، مينهن، بارش، وڏڦڙي ۽ وسڪارن بابت التجائون ڪيون آهن ۽ اهو ان ڪري، ته جيئن هر طرح سان ماروئڙن جو هي ملڪ سرسبز ۽ شاداب رهي.
Title Cover of book صوفيءَ جي صَدا

نظم

نظم

ولهار تي وس

ڀر ڀٽن جي ڇڏ ڀري ولهار تي وس، ڀيڄ ڀيڄ،
پر وسي تڙ ڪول ڀر گوڇار تي وس، ڀيڄ ڀيڄ!

وس وڄوٽي، وس ٻواٽي، لڪ گاڏيجي، ڀر سڄو،
کيٽ، کوهر، ويئرون، هر گهار تي وس، ڀيڄ ڀيڄ!

پار برهم کان وٺي تون لڳ امر جي ڪوٽ سان،
ڀالوا ۽ ڏيپلو، لکميار، تي وس، ڀيڄ ڀيڄ!

تون ڪڪر هين ڪرم رو جي هون تنا ٿو اوڙ کان،
ڏيس مانجو هي اڃو گوڌ يار تي وس، ڀيڄ ڀيڄ!

مٺڙيو، ني ڪير ٽي، تون تڙ مٺي را جا ڀري،
چار نوري، ڇاڇري، نوتبار، تي وس، ڀيڄ ڀيڄ!

ٿر وسي ۽ ڪس وسي جي گان امولک رو وسي،
آب ڇيڪو ڪوٽ نئين چيلهار تي وس، ڀيڄ ڀيڄ!


حب، لياري، نئين مليري، گاج ۽ هنگول سڀ،
تار بارڻ ٿي وَهي منهن بار تي وس، ڀيڄ ڀيڄ!

کير ٿر، سارو سري ڪرچات، سوڌو پٻ، سنگهر،
سر وسي لاهوت ۾ تر بار تي وس، ڀيڄ ڀيڄ!

ڪيچ ۽ مڪران سرحد، ڏِسِ بلوچن جي وسي،
لاڙ، ڪڇ، گجرات، ۽ ڪُهه سار تي وس، ڀيڄ ڀيڄ!

سنڌ تي ’صوفي‘ چوي وس ٿي سُڪاري تون سڄڻ،
سبز ڪر ساڻيهه جي سهڪار تي وس، ڀيڄ ڀيڄ!

*