گيت
راند ڇڏ!
ڇڏ وطن تان جان گهوري، لڪ لڪوٽي راند ڇڏ!
وِسِوِسا ڇڏ کڻ وکون، سکڻي سُڃي هيءَ ماند ڇڏ!
شاهه شرياني سندءِ کي ڏس ڏنل آهن ڳنڍيون،
ڪوڙڪيون هرجاءِ تي تَنهِن تي پيون آهن مَنڊيون،
خون تنهنجي تي ته ڪارا نانگ ويٺا ڦڻ ڪڍي،
ڇِنُ ڳنڍيون ۽ مار ڪارا، سُڃَ ڪري سيراند ڇڏ!
مار پاٿاريءَ ڌڻي ۽ مار گهر ۾ چور، جي،
ڪن گِوالي ٿا لڪي آهن ٻِرن ۾ نور، جي،
ڪي ته لوڙهي جي اندر ۽ ڪي ڀتين جي اوٽ ۾،
وِيرَ! ويڙهي مان هي ويري سڀ ڪڍي وڙواند ڇڏ!
خون چوسيندڙ ڪري، ٿو بند پيتيءَ ۾ سگهين،
رول رمزن ٿو رُلائي راڙي ريتيءَ ۾ سگهين،
آڻَ تُنهنجي هي مڃي سڀ لانگ هيٺان اڪرندا،
سيگهه مان سوگهي ڪري پختي پڪي پيراند ڇڏ!
سڀ نياتي هت سڏي تون ڀائپيءَ کي ڪر پڪو،
ڇا، ٻِڪِي ٻارهو هجي ڄڻ سڀ پَتا آهن يڪو،
ڀولُ ڀڃ بَدَ تُرِپَ جو جيئن ڪاٽ ۾ سڀ ڪم ڏين،
هاڃ هڻندڙ ساڻ هاڻي هوڙهه تون هيڪاند ڇڏ!
*