موتي
(بيتَ)
سونهن تنهنجي سرس ڪئي، موتيءَ لاهي مَرُ،
سينگاري سُهڻو ڪري، توکي ڪيو پڌر،
تڏهن کنئي ڪَرُ، نه ته تنهنجي سونهن سڀ ڪنهن ڏٺي.
-
سونُ به سلامي ٿيو، اڳيان نه ڪيئين اڀمان،
مڻيو ڏسي موٽي ويو، صاف ڪري ميدان،
اهو هو موتيءَ کي مانُ، نه ته تنهنجي سونهن سڀ ڪنهن ڏٺي.
-
موڳا هن موتيءَ جو، تو قدر ڪونه ڪيو،
ملندءِ ڪونه ملڪن ۾، هاڻي هن جِھو،
هي ڀڄڻا ڀڄي پيو، هاڻي هٿ متان هڻين.
-
لڪي لڪنديءَ ڪيترو، اصلي سونهن سنداءِ،
ٻُٽي ڳچي ڳهه ري، ڏيهه سڄو ڏسنداءِ،
وڃڻ کي وياءِ، هاڻي هٿ متان هڻين.
*