غزل
دلبر ڪڏهن منهنجو به هو
دلربا جو مان هئس دلبر ڪڏهن منهنجو به هو،
دادلو ٿي ات اچڻ هر هر، ڪڏهن منهنجو به هو.
لام هڪ ۾ آشيانه ٻئي پئي لَٽڪيا لُڏيا،
هڪ سندس مسڪن ٿيو ٻيو گهر، ڪڏهن منهنجو به هو.
ٻول ٻاراڻا هئا ۽ ٻوليون ٻاتيون هيون،
آمَ سامهون در سندس جي در، ڪڏهن منهنجو به هو.
ٿي اشاري ساڻ اک جي پيار جون ڳالهيون ٿيون،
ڍول ماروءَ جي مثل نرور، ڪڏهن منهنجو به هو.
ناز ڀريا نيڻ نرگس نيم خوابي پُرخمار،
اڌ لڳين اکين ڌڻي انور، ڪڏهن منهنجو به هو.
ڏند موتين کان مٿي رخسار آئيني مثل،
گل بدن، گل بوءِ سو گوهر، ڪڏهن منهنجو به هو.
حسن جنهن جي تي هزارين ڀؤنر ٿيا ڀيرا ڏين،
مَهه لقا، سو، مهجبين منور، ڪڏهن منهنجو به هو.
جيئن لکن عارف! گڏي ڪاتب الف کي لام سين،
تيئن صنم سين ڳل ڳراٽي ڳَرُ، ڪڏهن منهنجو به هو.
بي بقا هيءُ بيوفا ’صوفي‘ متان بانور ڪرين،
جوت، جوڀن، سونهن، سگهه تي ٻَر،ُ ڪڏهن منهنجو به هو.
*
هيءُ شعر ميرپورخاص جي رهواسي فقير پنهل عارف کي موڪليو