شاعري

صوفيءَ جي صَدا

ڪتاب ”صوفيءَ جي صدا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب صوفي نيڀراج جي شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ ڊاڪٽر ڪرشن لعل آهي. نصير مرزا لکي ٿو: ”صوفي صاحب پنهنجي شعرن ۾ ساڻيهه سنڌ جي سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن لاءِ به، جابجا ڪيئي دعائون لکيون آهن ۽ ائين وڌ ۾ وڌ جيڪي دعائون لکيون آهن، انهن ۾ وري هن، مينهن، بارش، وڏڦڙي ۽ وسڪارن بابت التجائون ڪيون آهن ۽ اهو ان ڪري، ته جيئن هر طرح سان ماروئڙن جو هي ملڪ سرسبز ۽ شاداب رهي.
Title Cover of book صوفيءَ جي صَدا

سَهرو

سَهرا ڍولڻ تنهنجا ڳايون وي!

ڏئي ڏيهه سڄو ٿو واڌايون وي!


سردار ٻوسڻُ آهي آيو،

غلام عباس هي رنگُ رِلايو،

وريون وصال جون وايون وي،
سَهرا مرشد تنهنجا ڳايون وي!


پير نظير جا فرزند پيارا،

گهوٽ شهاب الدين محب موچارا،

هار گلي توکي پايون وي،
سَهرا پيارل تنهنجا ڳايون وي!


شان غوثاڻو پاڻ سڃاڻي،

منظور غوث جي ورتئي نياڻي،

ڪين قبوليئي ٻايون وي،
سَهرا بَنل تنهنجا ڳايون وي!


ٻنهي جَھَانن جڙيو هجين جاني،

پير شهاب الدين غوث ملتاني،

ڪندءِ قادر شال سڻايون وي،
سَهرا جُڙيل تنهنجا ڳايون وي!


عاجز اَڀرن جا او سهارا،

پير شهاب غوث سوڀيا وارا،

ڪج ’صوفيءَ‘ ساڻ ڀلايو وي،
سَهرا سڄڻ تنهنجا ڳايون وي!