شاعري

صوفيءَ جي صَدا

ڪتاب ”صوفيءَ جي صدا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب صوفي نيڀراج جي شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ ڊاڪٽر ڪرشن لعل آهي. نصير مرزا لکي ٿو: ”صوفي صاحب پنهنجي شعرن ۾ ساڻيهه سنڌ جي سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن لاءِ به، جابجا ڪيئي دعائون لکيون آهن ۽ ائين وڌ ۾ وڌ جيڪي دعائون لکيون آهن، انهن ۾ وري هن، مينهن، بارش، وڏڦڙي ۽ وسڪارن بابت التجائون ڪيون آهن ۽ اهو ان ڪري، ته جيئن هر طرح سان ماروئڙن جو هي ملڪ سرسبز ۽ شاداب رهي.
Title Cover of book صوفيءَ جي صَدا

نظم

نظم


ڌن تاڪ ڌنا

پڪ ڄاڻ اجها ٿي ٻوڙ ٻنا، ڌن تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا،
جهڙ هاڻ ڪڍي آ ڪار ڪنا، ڌن تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا.

ڏس هير ٿڌي آ هاڻ وري لڱ لونءَ پيا ڄڻ هاڻ ٺري،
ٿو ٿڙڪي بدن سر سيءَ ڪنا، ڌن تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا.

گجگوڙ جي آهي ڌوم ٻُري، ڄڻ ڇير ڪڪر ۾ آهه چري،
آواز اهي ڇن ڇان ڇنا، ڌن تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا.

وڄ کيل ڪڪر ۾ راز ڪيا، ڏس نانگ جيان هِن ناز ڪيا،
هت ڍور ٽهي ڊپ، ڊاءَ ڊنا، ڌن تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا.

پڪ هاڻ اجهو ٿو مينهن وسي، پٽ پاڪ پلر جو پاڻي پسي،
وس هاڻ ڪندي کڏون تار ڪنا، ڌن تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا.

خوش مور ٿيو ڊڪي ڊيل پئي، ڌُم تاڙَي جي آ لات ڪئي،
تن بوند منجهان پر پير ڀنا، ڌن تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا.


برسات وئي ڏس هاڻ اچي، هت مينگهه سندي وئي موج مچي،
ڪن هاڻ پيا ڇٽڪار ڇنا، ڌن تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا.

جهر جهنگ مچي آ گاهه ويو، مس مال ۾ آهي ساهه پيو،
ڍؤ، ڍور ڪري سي گور چنا، ڌن تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا.

هو ڏيهه اڳي هي سارو سُڃو، گهر، مال، ٻني ۽ ٻارو اُڃو،
ايمان اڌورو مينهن بنا، ڌن تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا.

”صوفي“ ته اجهو ٿو يار اچي، ڏس هاڻ خوشي ٿي خوب مچي،
سک هاڻ سچو مزي لايا ٻنا، ڌن تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا.

*