شاعري

صوفيءَ جي صَدا

ڪتاب ”صوفيءَ جي صدا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب صوفي نيڀراج جي شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ ڊاڪٽر ڪرشن لعل آهي. نصير مرزا لکي ٿو: ”صوفي صاحب پنهنجي شعرن ۾ ساڻيهه سنڌ جي سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن لاءِ به، جابجا ڪيئي دعائون لکيون آهن ۽ ائين وڌ ۾ وڌ جيڪي دعائون لکيون آهن، انهن ۾ وري هن، مينهن، بارش، وڏڦڙي ۽ وسڪارن بابت التجائون ڪيون آهن ۽ اهو ان ڪري، ته جيئن هر طرح سان ماروئڙن جو هي ملڪ سرسبز ۽ شاداب رهي.
Title Cover of book صوفيءَ جي صَدا

چار ڏينهن

بس فقط مهمان هي منٺار آهي چار ڏينهن،
مهر پرور مانَوَر مختيار آهي چار ڏينهن!
جوڳ کي پورو پچائي جلد ويندو جاءِ ٻيءَ،
جوءِ ۾ جوڳيئڙو جونجهار آهي چار ڏينهن!
واهه جو ڏيندو ونڊي جيڪو وٽس ايندو وٺڻ،
ورهه جو واپار هت وڻجار آهي چار ڏينهن!
بي مُلهن موتين سنديون مُٺيون مڱئي ملنديون پيون،
پارکو پاڻيٺ جو وينجهار آهي چار ڏينهن!
ٻول ٻاجهارا ٻڌڻ صورت پسڻ سبحان الله!
لحن شيرين جي سنهي گفتار آهي چار ڏينهن!
اُڀ منجهان آيو ڪڪر هي ويس رنگا رنگ ڪري،
بوند جي برکا هتي وسڪار آهي چار ڏينهن!
ريٽ ٿو لوڙهي هڻي ڇوليون ڪنارن کي تکيون،
موج هيءَ مهراڻ جي ڌڌڪار آهي چار ڏينهن!
سارين جي پوک ۾ بس اڄ سڀان ڏانٽو پيو،
ڪُونجڙيُن جا هت قدم ڪڻڪار آهي چار ڏينهن!
هِت ته آهي بزرگي پر هُت وڃي ٿيندو ولي،
هن فقيري فيض جو ديدار آهي چار ڏينهن!
*

. لحن = مِٺو سُريلو آواز