غزل جفائون ملن ٿيون
وفائن جي بدلي، جفائون ملن ٿيون،
جڏهن سنگّ دل سان نگاهون ملن ٿيون.
ٿيڻ دربدر ۽ پريشانُ گهارڻ،
برهه ۾ اُهي ئي، بلائون ملن ٿيون.
رڳو شور شوخي ۽ گهورون اکين جون،
پري کان پَسڻ سين، عطائون ملن ٿيون.
عيان عشق جڏهين ٿئي ٿو عشاقن،
تڏهن ٽوڪ خواري، گلائون ملن ٿيون.
برهه ٿي بيماري، وڪوڙي وڃي ٿو،
هيڻائيءَ جون تڏهن، هَلائون ملن ٿيون.
وڃي سونهن سِيرت صفائي سٺائي،
اهي سوز وارن، سزائون ملن ٿيون.
دنيادار دلبر نه احساس ڌارن،
رُڳي چالبازي، ادائون ملن ٿيون.
نڪي پاڻ جليا، نڪي قدر پيئڙن،
سچائيءَ جي بدلي دغائون ملن ٿيون.
جوڳيسر جدائيءَ کي ميلاپ سمجهن،
ميرا منهن تني سر، جٽائون ملن ٿيون.
ڪڙو زهر قاتل پين ٿا جيئڻ لئه،
تني دل مان دردي، دعائون ملن ٿيون.
اها تن جي عادت جفائن جي قيمت،
عذابن جي عيوض شفاعون ملن ٿيون.
ڪرڻ ڪا شڪايت نه ’صوفي‘ سي سکيا،
واڍوڙين وٽان ڏس وفائون ملن ٿيون.
*