غزل
نيٺ ملندو کولي نقاب
ناصح! کڻي اٿي وڃ پنهنجي ڪتاب کي،
محبوب رِيءَ نه سهندس ٻئي جي عتاب کي.
واجب حسن پرستي مذهب اسان جي ۾ آ،
سَهڻو اٿئون حُسن جي دهشت ۽ تاب کي.
آداب ٿا حسن جو هر وقت فرض ڄاڻون،
عاشق سلام ٿا ڪن سُهڻي جناب کي.
اي زاهدا! عبادت آ جاترا حسن جي،
پُڃ ڇو ڇڏي وڃايون عاشق ثواب کي.
محڪم سدائين سهڻي جي حڪم منجهه رهندي،
صادق ڏسن نه ڪڏهين ليکي حساب کي.
ليکو نه يار سين ڪو ناصح! اسين ڪنداسين،
لائي ته ڪن ٻڌي ڇڏ هن ئي جواب کي.
مقصد سندءِ آ ڪهڙو ڇو ٿو تون برغلائين؟
ابليس جي ڇو چنبڙي پيو آن خطاب کي؟
پورو پڪو ٿي صادق! پوءِ يار کي به چئبو،
محبوب ڇڏ تون مون کان هاڻي حجاب کي.
طالب جنهن جي حسن جا ’صوفي‘ اسين ٿياسين،
هڪ ڏينهن نيٺ ملندو کولي نقاب کي.
*