نظم
لاڏئون لوڏيندي لولي
سنڌي ٻولي
سهڻي سڄاڻ سالڪ سنڌي سلوڻي ٻولي،
جيجل ڏني ٿي جنهن ۾ لاڏئون لوڏيندي لولي.
چوٽيهه، ٻاهتر، سان ارڙهن رکي ٿي خالي،
ٿي ٻاونجاهه سان گڏ ويهن جي آمد والي،
آهي اکُٽ خزانو ڀرپور هي ڀنڊارو،
باتا، ڪندي مون هن ۾ پنهنجي زبان کولي.
زيرون، زبر ڦيرائي معنيٰ ڇڏي مٽائي،
هڪ روپ ۾ رکي ته به ٻي مام ٿي ملائي،
هڪ شي تي ڌار نالا قد ڪي ڄمار آهر،
لفظن سين هن جي هردم ڀرپور آهه جهولي.
بيحد گهڻا پهاڪا نقل و نظير، نُڪتا،
ڏاهن جا ٻول سورنهن آنا سچا ۽ پُختا،
هن وٽ هنر، ڳجهارت جو، آ اڻ مَيو خزانو،
سادي سڀاءَ سلڇڻي، سَنهِجي، سُکي، سڻولي.
پاڙي جي ڀينرن کي ڏيندي نٿي ڪيٻائي،
جيڪي وٺي اچي سو هن ۾ پيو سيبائي،
ڪُرٽي وڃي جو کائي سو پيٽ ۾ ٿو جيوري،
ڪنهن، سپڪ ۽ سٻاجهي، ناهي جڏي جڙولي.
پالوٽ ڄاڻ وارا مانجهي، ملوڪ، ماهر،
ٻڌائون هن ۾ اوڙک گوهر، سگهڙ، سي ساگر،
ڪن وٽ اٿاهه ٻولي ڪن وٽ گهڙا ۽ مٽڪا،
ننڍڙي فقط اڌوري مون وٽ ادا گهڙولي.
رضوي، لطيف، سامي، دلپت، گروڙي، بيدل،
رکيل، سچل، لغاري، انور، نواب، روحل،
نورل، اٻوجهه، بيوس، مخدوم، فيض، صالح،
کٽياڻ، ٽالپر ۽ منٺار هيءَ وڙولي.
هن وٽ اياز، طالب، جهامن، غني، گرامي،
مسڪين، زيب، عارف، تنوير، ناز، بزمي،
ساجد، نياز، سارنگ، مومن، مجيدي، خادم،
ادنيٰ، حقير، مُنشي، ’صوفي‘ سنڌيءَ جي گولي.
*