بيتَ
پانڌي پرين ڏانهن ڪا، ويندي وير مَ ڪر،
صبح ويل سويل تون، جهلج دوستن در،
من ڪو مهر نظر، ڪن سڄڻ ’صوفيءَ‘ تي کڻي.
-
پانڌي پرين کي ڏجان، هي نياز منجهان نياپو،
تنهنجي ڏاڍ ڏمر جو، ڏيون توکي ڏوراپو،
هي پانڌي پاراپو، لوڪان لڪائي ڏيج تون.
-
پانڌي پرين پار کان، اڱڻ جيءُ آئين،
پرچائي پرين کي، ٿو پير اڱڻ پائين،
جي ماس بدن کائين، ته هردم حاضر تو اڳيان.
-
پانڌي پرين پار کان، اڄ آندي خاص خبر،
ته محبوبن معاف ڪيا، اڄ سڀئي ڏوهه ڏمر،
هو سهڻن جا سرور، اجهي اڱڻ اچڻا.
-
جهڙا پرين پاڻ ڀلا، تهڙو پانڌي پيارو،
ملائي محبوب سان، ٿو مٺِو موچارو،
هي سونُ سڄو سارو، آ ساٿي سهڻل جو.
*