88-09-06
غزل
دليرن جون دليون
دليرن جون دليون دلبر ڀلا چؤ ڇو ته ماريون ٿئي؟
وئين جيڪي ڦُري ڦورُو وَرِي سي ڇو نه واريون ٿئي؟
نرڙ تي جاڙيون جوڙي رکي ويٺين ته تلوارون،
ڪَٽورِيُن ۾ ڪَٽاريون چؤ ڀلا يَرَ ڇو ته ڌاريون ٿئي؟
رکي رائيفلون وچ ۾ اَڇيون گوليون هِيرن جھڙيون،
رنگيني آرسيون پاسن ڪنان چؤ ڇو سينگاريون ٿئي؟
وڏا واسينگ ڪن واهيت وجهي وِهُه وات وَٽَ کايو،
تنين جي جهَٽَ جَهڙپَ سان ڪئين حياتيون ڇو ته کاريون ٿئي؟
سندءِ ڪيئي ڪوٽَ ۾ قابو رکيئي سامهون ڀَري توبُون،
اُڀيون دل جي بچائڻ لئه مٿان ڍالون به ڍاريون ٿئي؟
نڪي کاڌئي رڳو چِيري ڇڏيئي اُڇلائي ’صوفيءَ‘ کي،
ڪرڻ ايڏيون ته اَرڏايون ڀلا چؤ ڪنهن سيکاريون ٿئي؟
*