مُهاڳ
هندو ۽ مسلمان دِلا ساڳي ڪنڀر جا،
سڏجن ٿا جدا ٿانوَ مگر آهي مٽي هڪَ.
خير.. مرڻ بعد ويچاري انسان جو ڪِريا ڪرم (سنسڪار) ٿئي، يا تدفين!! فرق ئي ڇا ٿو پئي هن کي.. جو، بقول ڪنهن شاعر جي:
ڪير نه ٿيندو مٽي مِٽي؟
ماڳ بلاآخر مٽي مٽي.
ڀانئيان ٿو ته هن خوش دل ۽ خوشبودار ماڻهوءَ سان منهنجي ملاقات شايد ڪڏهن ڀي نه ٿئي ها، جي آئون ريڊيو حيدرآباد تي پروڊيوسر ٿي نه اچان ها! ياد اٿم 1984ع ڌاري جڏهن آئون هِن اداري ۾ آيس، ته صوفي صاحب، اُتي اڳي ئي هڪ لائق ۽ باوقار مقرر طور ايندڙ ويندڙ هئا.
’ٻارن جي ٻاري‘، ’فتح خان جي ڪچهري‘، ’ساڻيهه جا سينگار‘ يا مشاعرن جي ڏس ۾، چانهه چانهه جي ڪوپ تي... هاڻي صوفي صاحب سان نه فقط منهنجي ڪچهري... پر کُليل ڪچهريون ٿينديون رهيون ۽ اهڙين ڪچهرين ۾ ٿيندو ڇا هو!؟ اوڀاريون، لهواريون، زمانا، زمينون، ماضي حال مستقبل ۽ ان دؤران، انڊيا وارِي پَنَ جي ٻيڙيءَ تي، ڳالهين جا دؤرن مٿان دؤر... اصل ۾ آئون سموڪر بلڪل ئي ناهيان، پر هي صوفي صاحب پنهنجي پيئڻ لاءِ ٻيڙي دُکائيندا هئا، ته اڳو پوءِ هڪڙي ٻيڙي دُکائي مون کي به هٿ ۾ جهلائي ڇڏيندا هئا. اڙي بابا! اُها ٻيڙي به محض ٻيڙي ڪِٿي هوندي هئي، جهڙو هڪڙو ٿلهو متارو سِگار هوندي هئي، جنهن کي پيا ڇڪيو ۽ ويٺا مسلسل کنگهو!
اَڇا، هي صوفي صاحب پنهنجي صحتمند ٻيڙيءَ وانگر، جان جُسي ۽ هڏ-ڪاٺ ۾ به مون کي سؤکا ئي نظر ايندا هئا. کين سدائين اڇي رنگ جي سلوار قميص ۾ ملبوس ڏٺم... مٿي تي وار گهاٽا ۽ پوئتي ورايل... چهري تي وڏا وڏا شاندار شهپر... جن جون چُنهبون آسمان ڏانهن اُڀيون... آواز کڙو، کرج وارو ۽ ڪڙڪيدار... ۽ پاڻ ڇاڪاڻ ته پرائمريءَ جو استاد هو، اِن ڪري ڳالهائيندو هميشه ائين هو، ڄڻ ڪلاس روم ۾ شاگردن کي ڪائي ڳالهه پيو سمجهائي. سندس شخصيت وانگر هيءُ سندن نالو ماستر ’صوفي نيڀراج سوٽهڙ‘ به، ڇا ته بارعُب پيو ڀاسندو هئم... ته بس چوڻ جو مقصد هيءُ سمجهو ته صوفي صاحب روبرو ڏسڻ پسڻ ۾ به بلڪل اسمي با مسميٰ ئي نظر ايندا ها. بلڪل رعبدار... ڪڙڪيدار... ۽ وڏي فَلَڪَ وارا انسان.
اِجهو، ان ئي هشمت واري هستيءَ جو لائق فرزند ارجمند... سرجن ڊاڪٽر ڪرشن لال سوٽهڙ... تازو ئي پنهنجي دوستَ، خوبرو غلام مصطفيٰ ٻٻر سان گڏجي ريڊيو تي منهنجي ٽئبل جي آڏو اچي ويٺو هو.
چوڻ لڳو، صوفي صاحب جو آئون ننڍي ۾ ننڍو پٽ آهيان. چاهيان ٿو ته، بابا هڪ ڊائريءَ ۾ جيڪا پنهنجي هيءَ شاعري سهيڙي ڇڏي ويو آهي. ان جو ڪوئي مجموعو شايع ڪرايان. توهان وٽ اڄ ان ڪري آيو آهيان، ته ان بابت ڪي ٻه چار اکر لکي ڏيوم.
ڊاڪٽر ڪرشن جي، اجهو اهڙي گفتار اڃان جاري ئي هئي... جو اوچتو... کيس ڪَنائيندي ڪَنائيندي، سوچڻ لڳس، هي وقت به ڪيئن نه چُپ چاپ گذري ويندو آهي ۽ ان کان پوءِ آهسته آهسته ويندڙن جي قدمن مٿان ڄڻ وارِي ورندي ويندي آهي ۽ پوءِ... پويان سڀ ڪجهه! ريٽجي ميٽجي ئي ويندو آهي... پر نه... مان سوچڻ لڳس... ڪڏهن ڪڏهن ائين نه به ٿيندو آهي ۽ وقت ڪنهن ڪنهن منش جي خلوص ڀريي پورهيي کي ضايع نه ڪري سگهندو آهي. ها! بس ٿوري وقت لاءِ انهيءَ کي دٻائي ضرور ڇڏيندو آهي ۽ موقعي اچڻ تي ڪنهن نه ڪنهن بهاني اوچتو ئي اوچتو پوءِ ڌرتي ڌُٻندي آهي، زلزلو نمودار ٿيندو آهي ۽ ’دفينو!‘ اُٻڙ ڪو ڏيئي، ٻاهر اچي ويندو آهي.
رواني ٿيڻ کان اڳ، ڊاڪٽر ڪرشن کي عرض ڪيم، اگرچه صوفي صاحب کي آئون گهڻو ئي ڄاڻان پر ڇاڪاڻ ته سندس وصال کي... هاڻي ڪيئي ورهيه لنگهي ويا آهن، ان ڪري توهان ٿورو، وري به جيڪڏهن پنهنجي پِتا بابت مون کي ’اپ-ڊيٽ‘ ڪري سگهو ته ڪيڏو نه چڱو!
تڏهن ڪرشن ٻڌائڻ ٿو لڳيم: پتا صوفي نيڀراج 1934ع ڌاري موري منگر ۾ پيدا ٿيا هئا. سندن والد صاحب جو نالو، آنجهاني گنگو مل هو. ذات سوٽهڙ ۽ اباڻو ڌنڌو واڍڪو ڪم [ياد رهي ته ڀٽائي صاحب پنهنجو ذاتي دنبورو به ٺٽي جي هڪ سوٽهڙ واڍي کان ٺهرايو هو] ڪرشن ٻڌائيندو ٿو رهي... اسان جو خاندان ملتان واري حضرت غوث بهاءُالحق جو مريد آهي. تعليم جي لحاظ کان، بابا سائين پهرين ته فائنل تائين پڙهيا، پر پوءِ اديب فاضل جا امتحان به پاس ڪيائون ۽ پرائمري اُستاد مقرر ٿيا. ادب، ثقافت، موسيقي... ۽ انهن ٽنهي شعبن سان کين شروع کان ئي دلچسپي هئي، مطالعو سندن من پسند مشغلو هو. هندو پريوار ۾ پيدا ٿيا هئا، پر ’هندو وانا‘ ڀيد ڀاوَ ڇوت ڇات! کين قطعي نه وڻندا هئا، انهيءَ ڪري صوفي مسلڪ اختيار ڪيائون. هندو مَتَ ۾ مَڌَ جي ممانعت يا روڪ ٽوڪ ڪا گهڻي ڪانهي، پر باوجود ان جي پاڻ ان شئي کان سدائين پري رهيا ۽ صرف، ’مڌ پيئندي مون ساجن صحيح سڃاتو‘ جي نشي ۾ سرشار رهندا هئا، هڪ جيڏن ڳوٺائي ۽ ڀرپاسي وارن شاعرن منجهان مسڪين ملاڪاتياري، گدا ملاڪاتياري، مومن مليرائي، پنهل فقير عارف ۽ ميرل جويي صاحب سان سندن گهاٽي ياري هوندي هئي. پاڻ انهن ئي شاعرن جي صحبت ۾ ’بزمِ حاجي حقير‘ ۽ ’بزمِ طالب الموليٰ‘ جي طرحي ۽ غير طرحي مشاعرن ۾، وڃي شريڪ به ٿيندا هئا. ڳوٺ ۾ سينيٽر ۽ نامياري صحافي، شيخ علي محمد سان سندن خاص نياز مندي هوندي هئي، سائين محمد لائق سنڌي ۽ محمد امين ٿيٻي سان به ڏاڍي سِڪ هوندي هئن ڇاڪاڻ ته ريڊيو حيدرآباد سان بطور ’مقرر‘ وابسته هئا، ان ڪري اُتي، ڪيترن ئي پروگرامن لاءِ سوين تقريرون ڏئي چڪا هئا. رات جو عموماً جلدي سمهي رهندا هئا ۽ ڪنهن قضاني آڌيءَ رات جو اک کُلي ويندي هئن، ته رڳو ويٺا پَنَ جي ٻيڙي ڇڪيندا هئا. سندن اولاد ۾ چار نياڻيون ۽ اسين ٽي پٽ آهيونس. وڏو پٽ سيرومل پرائميري ٽيچر آهي. وچٽ، هوندا رام H.S.T. آهي ۽ سڀنيءَ ۾ ننڍو... هيءُ آئون... سول هاسپٽل ۾ سرجن ۽ ڊاڪٽر آهيان. سَهڪي جي بيماريءَ سبب، صرف 54 ورهين جي ڄمار ۾ 1988ع ڌاري جنهن وقت سندن وصال ٿيو، پاڻ ٽنڊي ميان مير نور محمد... لطيف آباد نمبر چار واري پرائمري اسڪول جا هيڊماستر هئا.
صوفي نيڀراج صاحب بابت ايترو ڪجهه ٻڌائي ۽ شاعريءَ جو هيءُ مسودو منهنجي حوالي ڪري، ڊاڪٽر ڪرشن ۽ مصطفيٰ ٻٻر جيئن ئي روانا ٿيا مون اوم... بسم الله... ۽ ياعلي مدد چئي، مجموعي جا ورق اٿلائڻ پٿلائڻ شروع ڪيا.
اڙي هان، هي ڇا!؟... مُهڙ ۾ ئي صوفي صاحب جي لکيل جن مقدس صنفن سان منهنجون اکيون چار ٿيون، اُهي هيون نعتون، منقبتون، نوحا ۽ سوز... يا الله!؟ هي هندو ڪميونٽيءَ جو شاعر صوفي نيڀراج سوٽهڙ...؟ ۽ ٻئي پاسي هي عين اسلامي شاعريءَ جون معروف صنفون؟ تڏهن يڪدم ئي مون کي ننڍي کنڊ جا عزادار شاعر ڇنو لال دلگير، ديوي روپ ڪماري ۽ دلو رام ڪوثري ذهن ۾ ڦري ويا ۽ گڏوگڏ مسلمان شاعر محسن ڪاڪوري پڻ، جنهن وري پنهنجي هڪ نعت ۾ رام ۽ رحيم کي گڏي ڇڏيو آهي.
سمت ڪاشي سي چلا جانبِ مِٿرا بادل،
برق ڪي ڪانڌي په لاتي هي صبا گنگا جل،
ڪيا جهڪا ڪعبه ڪي جانب ڪوهي قبله بادل،
سجدي ڪرتا هي سُوءِ يثرب و بطحا بادل.
پوءِ مون کي، مؤلا علي مشڪلڪشا بابت، ديوي روپ ڪماريءَ جي مرثيي جِي، هيءَ سِٽَ به ذهن ۾ تري آئي:
نجف هماري لئه هردوار و ڪاشي هي!
اڙي بابا... ڀٽائي صاحب به نبي پاڪ بابت پنهنجي نعتيه بيت ۾ ڳالهه کي گڏيندي هيئن چيو هو ته:
جکرو جسکرو ٻيا مڙو ئي ’مَلَ‘،
سمي جي سهاڳ جي، ڪنهن نه پيئي ڪَلَ،
مِٽِي ان ’مُرسَلَ‘، اصل هئي ايتري.
تڏهن مون هن صاف دل ۽ نيڪ انسان... صوفي نيڀراج جي اهڙي صوفياڻي مسلڪ کي جُهڪي سلام ڪيو، ۽ سندس شعري مجموعي جي هن پهرئين نعت جي هن پهرئين ئي شعر تي دعا لاءِ، پنهنجا هٿ اُڀا ڪري ڇڏيا:
شفاعت ۽ سخاوت جا ڌرڻ صوفيءَ مٿي هٿڙا،
پيارا پاڪ پيغمبر، ڀلي آئين ڀلي آئين.
۽ روزِ محشر... هيءُ اسان جو صوفي نيڀراج ابنِ گنگو مل، رڳو پنهنجي لاءِ ئي نه... هي ڏسو پنهنجي پريوار ۽ پنهنجي سوٽهڙن واري پوري آڙي پاڙي لاءِ به، نبي پاڪ جي دربار ۾ التجائون بيٺو ڪري:
’صوفيءَ‘ مٿي شفاعت اولاد ماءُ پيءُ گڏ،
پاڙي اندر رهائش، لئَه عرضدار آهي.
چون ٿا، ڌڻي پاڪ... هيءَ دنيا ڇهن ڏينهن اندر جوڙي راس ڪئي هئي، ۽ ان کان پوءِ ڪائنات ۾ ’ڪُن‘ جو آواز اڀريو ۽ کن ۾ ’فيڪون‘ ٿي وئي. صوفي صاحب جي هيءَ سِٽَ انهيءَ ئي الستي آواز جو پڙاڏو آهي:
ٺهه ڦهه ٺهي پئي سا، هڪڙي ئي لفظ ’ڪُن‘ ۾!
ياد رهي ته ڪلامِ الاهيءَ ۾ ڪُل انبيا جو انگ جيڪو به ڄاڻايل آهي، ان ۾ واضح ٻڌايل آهي، ته اسان جو نبي پاڪ، ختم الانبياءَ آهي. ان حوالي سان هي ڏسو... صوفي نيڀراج به ان ئي ڳالهه جو قائل پيو نظر اچي:
هڪ لک ٿيا ته پُورا چوويهه هزار گُلڙا،
هڪڙو تني مان قدرت، افضل ڪيو گل سڀن ۾.
پاڪ پيغمبر جِي... اسان جَي صوفي صاحب، رڳو ايتري ئي واکاڻ تي اڪتفا ناهي ڪئي، پر صوفي هجڻ جي صورت... يا بُڻائتي هندو هجڻ جي ناتي سان، پنهنجي شاعريءَ ۾ نه هنگلاج وڃڻ جي سَڌَ رکي آهي نه هردوار، ڪاشي يا مٿرا جي زيارت لاءِ التجائيون لکيون آهن... ۽ جي دل ۾ ڪائي آخري خواهش رکي آهي ته صرف هيءَ:
ڏِسان مان گُنبذِ خضرا مديني پاڪَ ۾ پهچي،
چمان شلَ پاڪ پڃري کي، ڦرِي چوڌار، بسم الله!
ياد اٿم، ڊاڪٽر ڪرشن مون کي ڳالهين جي وچ ۾ هي به ٻڌايو پئي، ته شهپرن ۽ وارن کي روزانو تيل هڻڻ ۽ اکين ۾ سرمو پائڻ صوفي صاحب جي روز جو معمول هو، پر محرم الحرام جي ڏهي دؤران، امام حسين عليه السلام، جي سوڳ ۾ به پاڻ اِهي تيل ڦُليل هر حالت ۾ تَرڪ ئي ڪري ڇڏيندا هئا ۽ ڪربلا وارن جي سوڳ ۾ گهڻو اداس رهندا هئا. هي ڏسو ڪربلا وارن سان يڪجهتيءَ طور ڪيڏي نه عقيدت سان چيو اٿن:
ڪربلا ۾ روضو جنهن جو،
جنت مڪان تنهن جو،
جان جگر ڏئي ڳڌائين،
پيالو پي، اڄ صبر جو.
صوفي صاحب هي رڳو اِهو هڪڙوئي نوحو ڪٿي؟ هن ته ڪيئي ٻيا پُرسوز، اوسارا، ۽ ويڻ به چيا آهن. سانئڻ بيبي صغرا فاطمه جي حال وارو هي سوز ! بقول ڊاڪٽر ڪرشن جي... صوفي صاحب عين محرم الحرام جي ڏهي دؤران چيو هو:
بيمار ٿي صغرا ساري، اچو موٽي مديني بابا،
روز ٿي راهون نهاري، اچو موٽي مديني بابا.
هڪ ٻئي سوز ۾ ڪربلا جي شيردل شهزادِي، جناب زينب خاتون واتان وري، هيئن چَوَرايو اٿس:
مون کان ڀاءُ عباس ڇنائون
علي اصغر ننڍڙو ڪٺائون
ٿيا راهه رباني پانڌي
ڏس حال زينب جو نانا.
بيبي صغرا سانئڻ جي بيان ۾، سنڌ جي صوفي شاعرن مان خاص ڪري سوڀي ديري واري شاعر، سائين ريجهل شاهه ته ڪمال جا ڪافي نما سوز چيا آهن، مثال طور:
ڌار ڪري ويا وندر وٺي ويا
يا:
آيا ڪين مارُو، وساريئون وطن کي
هي اجهو ان ئي تتبع تي صوفي نيڀراج صاحب به بيبي صغرا سانئڻ بابت، هڪڙو اهڙو ئي ڪافي نما سوز چيو آهي، جنهن جو مُکڙو آهي ته:
سڏيان سانگيئڙن کي، پئي پُڪارون ڪري.
هونئن صوفي صاحب پنهنجي شعرن ۾ ساڻيهه سنڌ جي سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن لاءِ به، جابجا ڪيئي دعائون لکيون آهن ۽ ائين وڌ ۾ وڌ جيڪي دعائون لکيون آهن، انهن ۾ وري هن، مينهن، بارش، وڏڦڙي ۽ وسڪارن بابت التجائون ڪيون آهن ۽ اهو ان ڪري، ته جيئن هر طرح سان ماروئڙن جو هي ملڪ سرسبز ۽ شاداب رهي.
ماروئڙن جو ذڪر نڪتو آهي ته مُحبِ وطن ’مارئي‘ ڪنهن کان وسرندي! ’مارئيءَ‘ جي حوالي سان ڀٽائي سرڪار جي هڪ امر سٽ آهي:
لڳي ڏکڻ جِي هِيرَ، مارُو منهنجا ميرَ!
صوفي نيڀراج، ڀٽائي صاحب جي ان بيان کي، پنهنجي شاعريءَ ۾ اجهو هن ريت ورجايو آهي:
هينئڙي لڳي ڪا هِير، وري واهوندن! جيءُ جياريو!
انهيءَ ساڳئي ڪافيءَ ۾ صوفي صاحب جون هي سٽون به، ڪيڏيون نه دل ڇُهندڙ آهن:
رات عمر مون خواب ڏٺو آ،
ملڪ اباڻي مِينهن وٺو آ.
مون کي پاڪ پنير، سرتين آهي پاڻ پياريو.
سسئيءَ جي نسبت سان، ڪنهن وقت ڀٽائي صاحب پنهنجي سنڌي ٻوليءَ تي فخر ڪندي هيءُ فرمايو هو:
ٻولي منهنجي ٻانڀڻياڻي الا،
ناهيان خان کٽياڻي الا.
شيخ اياز صاحب ان ئي ڏس ۾ لکيو هو:
پنهنجي ٻوليءَ ۾ ميان، جڏهين چوندي ماءُ!
توکي اهڙو ساءُ، ڏيندي ٻي ٻولي ڪٿي؟
صوفي نيڀراج پنهنجي اِن ئي سُٺِي، سوادِي ۽ مِٺي ٻوليءَ لاءِ اجهو هيئن چيو آهي:
باتا ڪندي مون، هِن ۾ پنهنجي زبان کولي!
انهيءَ نظم ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تمام تر تعريف ۽ توصيف بعد، سنڌي ٻوليءَ جي شاهه شاهوڪاريءَ بابت، هيءَ به گواهي ڏني اٿس ته:
لفظن سان هُن جي هردم، ڀرپور آهه جهولي!
تخليقڪار... ڪير به هجي يا مسلڪ جي لحاظ کان ڇا به...؟ صوفي يا لاڪوفي! سُونهن هر حالت ۾ هُن جي ڪمزوري ضرور هوندي آهي. اِجهو صوفي صاحب جو، ان ڏس ۾، هيءُ شعر ڏسو:
مون کي عجب آهي ته الله جو،
ڪم حُسن کان ورتائين باهَه جو.
علاوه ازين محبوبن جي نيڻن، تِرن ۽ وارن جي واکاڻ سان دنيا جي هر ٻوليءَ ۾ جيڪي جيڪي به حيرت جهڙا شعر مون اڄ تائين پڙهيا آهن، انهن ۾ ڀٽائي صاحب کان شيخ اياز جي شعرن تائين، وارن جي تعريف ۾ مون هزارين سِٽون پڙهيون آهن، پر صوفي نيڀراج به ان ڏس ۾، واهه جا شعر چيا آهن، مثال طور سندس هيءُ هڪڙو شعر ڏسو:
وار اوندهه کان به ڪارا، شهه ڏين ريشم سڳي.
وارن بابت ههڙي نئين نڪور تشبيهه وانگر صوفي صاحب جي شاعريءَ ۾، هي آهنگ به صفا نئون نڪور پيو ڀاسيم:
پڪ ڄاڻ اجها ٿي ٻوڙ ٻنا، ڌن تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا،
جُهڙ هاڻ ڪڍي آ ڪار ڪنا، ڌن تاڪ ڌنا، ڌن تاڪ ڌنا.
جيئن مون لکيو، صوفي صاحب جي سڄي شاعري ’سريلي شاعري‘ آهي ۽ ان تي ’ڪافيءَ‘ جي صنف جو رنگ وڌيڪ چڙهيل ڀاسي ٿو. مثال طور، سندس هن مصرع کي ڏسو:
حُسن آ ٽانڊا ٻاٻر ڪنڊيون،
جي پُڄئي ته پنهنجو جيءُ جلاءِ،
نه ته ڏنڀن سهڻ کان ماٺ مِٺي ٿئي.
هيءَ دنيا، جنهن ۾ اسان رهون پيا، انهيءَ دنيا اندر هڪ ٽئين دنيا به آباد آهي ۽ ان دنيا اندر مظلومن سان جيڪي قهر ۽ ڪلور پيا ٿين ۽ اُن ۾ جيترا ڏک ۽ جيتري بُک آهي، ان جي خاتمي لاءِ هاڻي ته سواءِ دعا ڪرڻ جي ٻيو ڪو ئي چارو ئي ناهي... بطور هڪڙي باشعور شاعر جي، صوفي نيڀراج، ٽئين دنيا جي ماڻهن کي هي ڏسو ڪهڙيون نه زبردست اميدون پيو ڏياري:
نيٺ ته اُڀري ڏينهن به ايندو نيٺ اُجالو ٿيندو،
نيٺ ته مظلومن کان ظالم، مار به کِيندا هار به کِيندا.
’سهرا‘ ۽ ’لاڏا‘... اسان جي لوڪ شاعريءَ جي هڪڙي ڏاڍي مقبول صنف آهي. چون ٿا سهرن جون موجد... لَنگهياڻيون ۽ ڳوٺاڻيون عورتون هونديون آهن. اهڙين عورتن کان قطع نظر، صوفي نيڀراج ڪي ڏاڍا دلچسپ ۽ تخليقي سهرا ۽ لاڏا به سِرجيا آهن، مثال طور هيءُ سهرو:
سهرا ڍولڻ تنهنجا ڳايون وي،
ڏي ڏيهه سڄو واڌايون وي.
’وي‘ اگرچه، پنجابي ٻوليءَ جو سهڻو اُچار آهي، پر هتي... سنڌي سهري ۾ به، ڪيڏو نه ٺهي پيو. اڇا! هيءُ جيڪو گهوٽ لفظ آهي، سهرن ۽ لاڏن ۾ اُن کي عام طرح ’بنڙو‘ ڪري به سڏيو ۽ ڳايو ويندو آهي، اسان جي صوفي صاحب، لاڏ ڪوڏ منجهان هن ’بنڙي‘ لفظ کي اڃان ئي هينئنءَ ادا ڪيو آهي:
سهرا ’بنل‘ تنهنجا ڳايون وي!
نظم جي صنف ۾ به، صوفي صاحب ڪن انوکن موضوعن تي لکڻ جو ساهس ڪيو آهي، مثال طور ’وهم‘ جي موضوع تي هي سندس سٽون ڏسو. (اڙي بابا! هي وهم ئي ته اهڙو موذي مرض آهي، جيڪو اسان جهڙن ڪمزور دل ماڻهن جي زندگي تباهه ڪري ڇڏيندو آهي)
ڏسڻ ۾ ڪجهه پئي آيو، ڏٺم جاچي ته ڇا آهي،
ڏٺم ڪا شئي نه آهي هي، اجايو وهم آ اُڀريو.
هر ٻوليءَ جي شاعر کي پنهنجي پنهنجي ٻوليءَ جو ’پارکو‘، ۽ ’وينجهار‘ ڪري به سمجهيو ويندو آهي ۽ اِهو به چيو ويندو آهي ته ڏات ۽ ڏانءَ جي لحاظ کان، سٽ ۾ لفظن جي جڙاوَ تي ’شاعرُ جيترو وڌيڪ ڌيان ڏيندو، ٻُڌندڙن ۽ پڙهندڙن ۾ ان جي اوتري ئي گهڻي پذيرائي به ٿيندي. ڀٽائي صاحب ته ٻوليءَ جو بادشاهه هو، کانئس پوءِ وارن شاعرن به شاعريءَ ۾ ٻوليءَ جي سرلتا جو خوب خوب خيال رکيو آهي. ان ڏس ۾ ٻوليءَ جي حُسن ۽ هم آواز لفظن بابت ڀٽائي صاحب جي ڏسو... هيءَ ڇا ته سُريلي سٽ آهي:
آکون ڊاکون، سرکنڊ شاخون!
شيخ اياز وٽ، ٻوليءَ جي اِهڙي ئي لهر هن ريت آهي:
گوري گُجري پيرَ ۾، چورِي ڪئينءَ اچي.
هڪ جهڙن ۽ هم آواز لفظن ۽ اُچارن تي آڌارڪ هاڻي، هيءَ اسان جي صوفي نيڀراج صاحب جون به... مثال طور هي سِٽون ڏسو:
جان جو جاني جياپو جوپ جوڌو جانباز
جڳ جڙيل جنسار جو، جيئيم سو جيئيم سو
ٻوليءَ جي گُڻن جي اِها ڳالهه ته ٿي ته اِتي، صوفي صاحب جي شاعريءَ ۾ هيءَ جيڪا بي ساختگي ۽ اُڇل آهي، مون کي ته سندس ان گُڻ به گهڻو ئي موهيو ۽ متاثر ڪيو آهي، مثال طور سندس هيءُ شعر ڏسو:
وفائن جي بدلي جفائون ملن ٿيون،
جڏهن سنگدل سان نگاهون ملن ٿيون.
يا وري هيءَ سٽ ڏسو:
وڃان ٿو يار جي در تي، سوالي ٿي کٽي قسمت!
اڇا! ٻوليءَ جي سرلتا، ڪافيءَ جي رنگ، انگل ۽ اُڇل جي رلمل رچاوَ وارو، صوفي صاحب جو هيءُ شعر به پڪ ڄاڻو ته ڪو ننڍڙو شعر ڪونهي:
نسنگ نينهن نانگا نڀائيندا ايندا،
سڄڻ يار جا ڳُڻ سي ڳائيندا ايندا.
اُسن ۾ اُساٽي، لُڪن ۾ لُساٽي،
سريرن ۾ سامي سُڪائيندا ايندا.
سنڌي ادب جون... هونئن ته ڪيئي اهڙيون شخصيتون آهن، جن جي گِيدن ۾ پَنَ جي ٻيڙيءَ سان گڏ ڪچي سوپاريءَ جي تڙَ، هر وقت حاضر ئي هوندي آهي، مثال طور سائين نفيس احمد شيخ ناشاد... مثال طور سائين انور هالائي... ادو اسرار شام... پر انهن ۾ ڊاڪٽر نواز علي ’شوق‘ ۽ صوفي نيڀراج وري اهڙا شخص... جن وٽ انهن ٻن شين سان گڏ، ٽين شئي به مون اڪثر ڏٺي... ڇا!؟ اِلائچي!
اجهو صوفي صاحب جي ’بياض‘ ۾ شامل، سندس هن پياري شعر تي جو نظر پيم ته خوامخواه به اِهي مٿيون سڀ خوشبودار هستيون ذهن تي تري آيون هئم:
گُل گل جي ڌار خوشبو، گل گل جو رنگ نرالو،
گل گل جو ڌار ميوو، گل گل جو سنگ نرالو.
ڀٽائي سرڪار جي هڪ سِٽَ آهي:
’ڍڪين ڍڪڻهار! آئون اگهاڙي آهيان.‘
انهيءَ تسلسل ۾، صوفي صاحب جي هيءَ سِٽَ پڙهيم... ته چَپن تي بي اختيار اچي ويم، ’اڙي واهه!!‘ اجهو اوهين به پڙهي ڏسو:
اروپا! هاڻ عرياني اچي ’صوفيءَ‘ سندي ڍڪ تون،
فنا جي ديس ۾ جنهن کان، قرارن موڪلايو آ.
صوفي نيڀراج جي شاعراڻن گُڻن تي... چاهجي، ته اڃان به گهڻو ئي ڪجهه لکي سگهجي ٿو، پر اختصار کان ڪم وٺندي ۽ هن مهاڳ کي پڄاڻيءَ تي پهچائيندي، ۽ شاعر کي خود! سندس ئي لفظن ۾ داد ڏيندي چوانس پيو:
ٻولي لذيذ سادي سهڻي سنڌي سٻاجهي،
طرزِ بيان نرالي، تمثيل ونگ نرالو.
شاعر سگهڙ ۽ عالم فاضل اديب، صوفي،
شيرين زبان ۾ هُن جو، آ نوع ڍنگ نرالو.
ــ نصير مرزا
حيدرآباد
2012-02-18