شاعري

صوفيءَ جي صَدا

ڪتاب ”صوفيءَ جي صدا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب صوفي نيڀراج جي شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ ڊاڪٽر ڪرشن لعل آهي. نصير مرزا لکي ٿو: ”صوفي صاحب پنهنجي شعرن ۾ ساڻيهه سنڌ جي سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن لاءِ به، جابجا ڪيئي دعائون لکيون آهن ۽ ائين وڌ ۾ وڌ جيڪي دعائون لکيون آهن، انهن ۾ وري هن، مينهن، بارش، وڏڦڙي ۽ وسڪارن بابت التجائون ڪيون آهن ۽ اهو ان ڪري، ته جيئن هر طرح سان ماروئڙن جو هي ملڪ سرسبز ۽ شاداب رهي.
Title Cover of book صوفيءَ جي صَدا

نظم

نظم
عظيم انسان

انسان سين جن کي محبت، انسان سي سڏجن عظيم،
انسان جي ڪن ٿا خدمت، انسان سي سڏجن عظيم.

موت ريءَ مرندا رهن، مرضيل ريءَ دارونءَ دوا،
جن بکين جو ڪو ڪٿي ناهي اَجهو ڀيڻي ڀوا،
تن واڍوڙين لاءِ جي ٺاهي رکن ٻُڪيون ڦَڪيون،
جي اَگهن جي ٿيا شفاعت، انسان سي سڏجن عظيم.

ڪن پٽي مرهم ۽ ڪن جي آپريشن مرض جي،
ڪا نه لالچ ڪا رکن بيمار ۾ ڪنهن غرض جي،
روڳُ ڳَڙَ ناسور مان چيري غلاميءَ جو ڪڍن،
ڪن جراحي ساڻ حڪمت، انسان سي سڏجن عظيم.

جي جهنجهوڙي ٿا جاڳائن گُهور ننڊ پيا ستن،
ڪَنِ رکي ڪَنَ وات سڏ جي منجهه نشي مثل بُتن،
تن اٿاري ٿا وجهن جن ۾ اڃا ڪجهه ساهُه آ،
جن اٻوجهن ساڻ الفت، انسان سي سڏجن عظيم.

جن نه ڪو اوهي ٿيو ۽ جن نه ڪو واهي ٿيو،
جن نڌڻڪي زندگي گهر موت جي کاهي ٿيو،
جي اُگهاڙا ۽ اَٻالا ماءُ ماٽيجي ڪيا،
تن ڪَلَهن سين جن جي قربت، انسان سي سڏجن عظيم.

جھِل جي اونده هٽائين پاڻ بَنجي درسگاهه،
جي مٺا آهن اگياني جِيوَ جن ۾ آهه ساهه،
وقت جي موجب تقاضا ذهن، دل جذبات کي،
جي پڙهائن بابِ حُريت، انسان سي سڏجن عظيم.

صاف گو ۽ بي ريا ٿي حق چون مهمير کي،
يا گرو مرشد برهمڻ پادري يا پير کي،
سر تريءَ تي ٿا رکي مظلوم جي پاران ٿين،
جي مقابل ساڻ ظلمت، انسان سي سڏجن عظيم.

حق ڏيڻ ۽ حق وٺڻ ۽ حق چوڻ جا عادتي،
عرب، چيني آفريڪي پاڪ جا يا ڀارتي،
ذات مذهب جو نه تعصب نيچ ويڇو ناهه ڪو،
لا طمع قلندر صفت، انسان سي سڏجن عظيم.

حق جي راهه تي ڪن ٿي بورائو رهبري،
جي ڪڍن انسان جي احساس دل مان ڪمتري،
پاڻ کي ”صوفي“ سڃاڻڻ جو طريقو ٿا ڏَسِين،
جي هلائن راهه جدت، انسان سي سڏجن عظيم.

*