غزل
ڪينجهر
تماچي ڄام ڪيئن تو ريءَ ڪنڌي ڪينجهر گذاريندس،
هجر ۾ روز شب پيئي هنجون هي هي ته هاريندس.
سما! تون ساڻ جي نيندين هتان هيڻي حويليءَ ڏي،
ڪنيزڪ ٿي ڀري اويون اڱڻ پيئي ٻهاريندس.
نڪي اڇ آب جي تو ري وڻن لهرن لوڏامان ٿا،
ڀلا هاڻي اڪيلي ڪئن بحر تي پاڻ تاريندس.
نڪي پوڻي، نه پاٻوڙو، نڪي بهه، لوڙهه جي هاڻي،
سما، تو ري رهي چاهت ڌڪي تن کي ڌڪاريندس.
نڪي ڪي ونجهه، نڪي کوهو، نڪي ڳن، ڪم سندا هاڻي،
نڪي ڪي سڙهه، نه رس، تختو، لنگر ڏي منهن نه لاڙيندس.
نه هاڻي رڇ، تُنبِي، ڪڙهي، نه ڀالو ۽ نڪا ماٽي،
ڪنڍي، هڙيو نڪي مڪڙي نڪا سيڻاهه ڌاريندس.
نڪي سهڻي، نه ٿيري ڪا، رڙا، ڄرڪا، نڪي ڪرڙا،
مڇي، جهينگا پلا، گهانگهٽ، نه موراکيءَ کي ماريندس.
ڀلا ناناڻي ڍوري جي لنگهي ويندين چوي ’صوفي‘
گهنگهر پوءِ روز گوندر جا پيئي گندرن ۾ گهاريندس.
*