ڪافي
دلڙي کسي وئين دلدار
پهرين ڏئي تون پيار وي يار،
دلڙي کسي وئين دلدار!
اول کسيئي ڪري ناز نوان،
آخر نه ڪرين الفاظ سنوان،
اها ناهي قرب جي ڪار وي يار!
ڪالهه هِتي اڄ هُتي لايئي،
شايد نه ڪنهن سان ناتو نڀايئي،
تنهنجو نينهن ٿيو نروار وي يار!
پاڇي جھڙي پريت ڪرين ٿو،
اوڀر اولهه ڇايا ڌرين ٿو،
اهي پڌرا ڪيا تو پار وي يار!
مون کي ڇڏي وئين يار اڪيلو،
ائين وئين جيئن سيڱ مان سِيلو،
هي بوتو ڏسي بيڪار وي يار!
لائي ڇنڻ جو باعث ڇاهي،
مر منهنجي مر منجهه ۾ هيءُ ئي آهي،
جو ’صوفي‘ آ نادار وي يار!
*
1980-02-05