شاعري

صوفيءَ جي صَدا

ڪتاب ”صوفيءَ جي صدا“ اوهان اڳيان حاضر آهي. هي ڪتاب صوفي نيڀراج جي شاعريءَ جو مجموعو آهي جنهن جو سهيڙيندڙ ڊاڪٽر ڪرشن لعل آهي. نصير مرزا لکي ٿو: ”صوفي صاحب پنهنجي شعرن ۾ ساڻيهه سنڌ جي سانگيئڙن ۽ جهانگيئڙن لاءِ به، جابجا ڪيئي دعائون لکيون آهن ۽ ائين وڌ ۾ وڌ جيڪي دعائون لکيون آهن، انهن ۾ وري هن، مينهن، بارش، وڏڦڙي ۽ وسڪارن بابت التجائون ڪيون آهن ۽ اهو ان ڪري، ته جيئن هر طرح سان ماروئڙن جو هي ملڪ سرسبز ۽ شاداب رهي.
Title Cover of book صوفيءَ جي صَدا

غزل جيئيم سو جيئيم سو

دل گهريو دلدار جو، جيئيم سو جيئيم سو!
محب آ منٺار جو، جيئيم سو جيئيم سو!

ساٿ جو سرواڻ سُورهيه، سرسُ آهي سونهن ۾،
سُخن جي سرڪار جو، جيئيم سو جيئيم سو!

مَڳُ مَيو مهمير مانجهي، مڙس مڙدانو مٿير،
مڙد مڻيادار جو، جيئيم سو جيئيم سو!

گُرُ گِياني ناٿُ گاروڙِيءَ گُڙي گرنار ۾،
گوهرِ گفتار جو، جيئيم سو جيئيم سو!

آهه جو ٻَلوانُ ۽ ٻُڌُوانُ ٻالاتڻ ڪَنا،
ڏاڍ لئه ڏهڪار جو جيئيم سو جيئيم سو!

جان جو جاني جياپو، جوپُ جوڌو جانبِازُ،
جڳ جُڙيل جنسار جو، جيئيم سو جيئيم سو!

جوڳُ جوڳيئڙي پچايو جوڳَ جوڳي سرَ ڏئي،
جُوءِ ۾ جهونجهار جو، جيئيم سو جيئيم سو!

ٿو رُپي ۽ سونَ، هيرن، موتين، کوٽن، کرن،
اوڙِکي وينجهار جو، جيئيم سو جيئيم سو!

جو ٿري، جو جابلو ۽ جو اُتر جو آ آَڌوتُ،
لاڙ جي للڪار جو، جيئيم سو جيئيم سو!

يا ته دودو يا ته راڻو يا چنيسر داسڙو،
مورُ يا ميهار جو، جيئيم سو جيئيم سو!

سچ چوي دين و ڌرم، شيعي، سُني، صوفي، برهم،
پاڪُ پرشَنُ پيار جو، جيئيم سو جيئيم سو!

*

جوڳ = عبادت
جوڳ پچائڻ = ڪشالا ڪڍڻ، عبادت ڪرڻ
جوڳيسر = پهتل فقير
اوڙکڻ = پروڙڻ، سڃاڻڻ
آڌوت = تارڪ، دنيا کان لاطمع، سنياسي فقير
واسڙو = چنيسر جو علامتي نالو
برهم / برهما = ايشور جو صفاتي نالو اُپائڻهار
پُرشن = پُرش جو جمع ماڻهن