غزل
وڇوڙو بهتر هو
وصل هن کان، هو گهڻو بهتر وڇوڙو يار جو،
هو اميدن جو مزو ۽ دور کان ديدار جو.
وصل هن ۾ چار ٻن مان، ڪئن ڪجي هڪ، چار کي،
ضرب، ونڊ ۽ جوڙ، ڪٽ وئي هوش ويو هوشيار جو.
شوريل، شوخي نگاهن داٻ، دڙڪي جو مزو،
ڪاوڙيل، ڪيفي، ڪڪوريل، اک ڪنڍيءَ جي ڪار جو.
مرڪ ۽ پاٻوهه سان ٿي جو ڏنو نيڻن ڪڏهن،
اڌ اشاري ساڻ اک جي جو مزو کيڪار جو.
ڪجهه چيو ٿي دل جي ڌڙڪن ڪجهه ٻڌائين پاڻ ٿي،
چپ چپائي حال اورڻ ويو مزو گفتار جو.
نيڻ جهڪيل، لب ٻئي خاموش مليا وصل ۾،
موت ويلي ’ڇڏ وڃان‘ جي لفظ دل آزار جو.
ڪئن چوان ڀلا وڃ ڀلي ۽ ڪئن چوان گهڙي ويهه گڏ،
فيصلو ٻُڏ تَرَ ۾ ’صوفي‘ هي نڪان ئي تار جو.
*