ڇڏيندين دربدر ٿيندين
ٻيو ملندءِ نه ڪو دلبر، ڇڏيندين دربدر ٿيندين!
ڳولي ڀلي ڳوٺ ۽ ڳليون، ڏسيون ۽ ڏيهه ڏس ڏوري،
ملي سگهندءِ نه ٻيو منور، ڇڏيندين دربدر ٿيندين!
ڳلي لائي ڳولي ڳَهلا، ڀُليا پنهنجا ڪرڻ وارو،
ڀلارو ڀرجهلو پرور، ڇڏيندين دربدر ٿيندين!
اندر ۾ عشق رکج سانڍي، سچي نيّت رَکج نظرون،
اکين آڏو هجي انور، ڇڏيندين دربدر ٿيندين!
هڙان ۽ ٿئي وڙان شافع، وسيلو بي وسيلن جو،
نه ڪا ويجهڙ ۾ ٻي واهر، ڇڏيندين دربدر ٿيندين!
لڱا سِيرون لنگهائيندو، انڌن اوجهڙ نه ٿئي آڏي،
اُڪاري ناخدا اطهر، ڇڏيندين دربدر ٿيندين!
دليون ٿو داسڙو پرکي ڪٿان ڀي ٿو سگهي ڪوٺي،
سٻاجهو جي سخي سرور، ڇڏيندين دربدر ٿيندين!
ڍڪي ڪوئي اچج چولو، ڪنهين ڀي قافلي سان گڏ،
*”محمد مصطفيٰصه جو در، ڇڏيندين دربدر ٿيندين!“
سندن آ ڏاج ڏاتاري، ڏڏن کي ڏان ڏين ڏوڻا،
لٿي جن جي مٿان چادر، ڇڏيندين دربدر ٿيندين!
سمون، وينجهر، سپڙ، جکرو، نه ٻيٽو راءِ ويرم جو،
ڪرن وهندو نه پوري ڪر، ڇڏيندين دربدر ٿيندين!
سوالي ڪو هٿين خالي، دران پنجتن نه آ وريو،
سخا جو در اهو تونگر، ڇڏيندين دربدر ٿيندين!
اچين ٿو در تون پنجتن جي، کڻي هيءَ ڪيڏڙي ڪِستي،
هتان خرزين ڀري ڪر پُر، ڇڏيندين دربدر ٿيندين!
سڏيندا سو سڳر ’صوفي‘ ڏورانهين ڏيهه جو طالب،
ٿجان صلواة جو ذاڪر، ڇڏيندين دربدر ٿيندين!
وينجهر = ڏاهو، سياڻو. سَپڙ = سخي سردار.
خُرزين = وهٽ تي سامان کڻڻ جي ٻِٽِي ڳُوڻ
* مير محمد ’ميرل‘ جويو کي جده – عربستان موڪليل (طرحي غزل)